ميرپورساڪرو: سب ڊويزن ميرپورساڪرو ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگار اتحاد، ينگ سوشل نيٽورڪ ۽ آل ڪلمتي ويلفئير جي سڏ تي احتجاج ڪري ھڪ ڪلاڪ ڌرڻو هنيو ويو. خبرموجب سب ڊويزن ميرپورساڪرو ۾ گذريل چئن مھينن کان پاڻي کوٽ برقرار آهي، ڪالهه آبادگار اتحاد، ينگ سوشل نيٽورڪ ۽ آل ڪلمتي ويلفئير ايسوسيئيشن جي اڳواڻن ڌڻي بخش لاشاري، عبدالرزاق ڪلمتي، امين ڪلمتي، رشيد ھديو، غلام حسين گبول ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ساڪرو شھر جي مين بس اسٽاپ آڏو ھڪ ڪلاڪ ڌرڻو هنيو ويو.
سوين گاڏيون بيھي ويون، انهي موقعي تي خطاب ڪندي ھنن چيو ته گذريل چئن مھينن کان پاڻي کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي، فصل سڪي تباهه ٿي ويا آهن، سارين جو ٻيجارو ناهي پوکجي سگھيو، ھنن چيو ته پاڻي کوٽ جي ڪري چوپايو مال اڃ وگھي مري رھيو آهي، ڪير پڇڻ وارو ناهي. ھنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي پاڻي کوٽ ختم ڪئي وڃي.