حيدرآباد: بدين ضلعي ۾ ڪوٽڙي بئراج سان لاڳاپيل واهن ۽ شاخن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ خلاف بدين ضلعو بچايو تحريڪ جي سڏ تي هارين، آبادگارن، سياسي، سماجي اڳواڻن طرفان حيدرآباد جي لبرٽي چوڪ کان ريلي ڪڍي سيڊا آفيس حيدرآباد اندر احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ڌرڻي ۾ شامل ماڻهن پاڻي جي کوٽ خلاف ۽ سيڊا عملدارن خلاف سخت نعريبازي ڪئي. شام ڌاري سيڊا چيئرمين باسط سومرو پهچي ڦليلي ڪئنال ۾ پاڻي ڏيڻ ۽ ٻن ڏينهن ۾ غيرقانوني دڪا ۽ واٽر بند ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو. ڳالهين کان اڳ ۾ لڳل ڌرڻي ۾ شامل آبادگار اڳواڻن مير نور احمد ٽالپر، حنيف نظاماڻي، ايوب لغاري، ايڊووڪيٽ محمد حسن لغاري، صحافي نعمت کهوڙو، خدا ڏنو شاهه، پرويز آرائين، سنڌ هاري ڪميٽي جو اڳواڻ ثمر جتوئي، موسى لغاري، ايڊووڪيٽ ذوالفقار ٿيٻو، وحيد مراد سيال ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سيڊا ۽ آبپاشي کاتي جي نااهلي جي ڪري هن وقت بدين ضلعو رڻ پٽ ۾ تبديل ٿي ويو آهي. جتي هن سال سارين جي پوکائي نه ٿي سگهي آهي، نه وري سبزيون ۽ ٻيا فصل پوکي سگهيا آهيون، بدين ضلعي جو پاڻي بند ڪري بدين کي ڪنگال ڪيو ويو آهي.
هنن چيو ته بدين جي حصي جو پاڻي منڍ جي آبادگارن کي وڪرو ڪيو پيو وڃي، ڦليلي ڪئنال تي ٻڌل شاخن ۾ پاڻي ناهي. زرخيز زمينون بنجر بڻيل آهن. شاخن ۽ واهن جا منهن ٽوڙي رشوت عيوض پاڻي ڏنو وڃي ٿو، پاڻي جي منصفاڻي ورڇ نه ٿيڻ ڪري پڇڙيءَ جا آبادگار سخت پريشان ٿي ويا آهن، سندن لکين ايڪڙ زمين غير آباد ٿي بنجر بڻجي وئي آهي. هنن چيو ته بدين ۾ پاڻي نه پهچڻ ڪري انسان، جانور ۽ پکي پيئڻ جي پاڻي لاءِ سخت پريشان آهن. هنن چيو ته سندن تحريڪ بدين کي بچائڻ لاءِ شروع ٿي آهي، جيڪا نتيجا وٺڻ کان اڳ ختم نه ٿيندي. هنن چيو ته ڪجهه سالن کان وٺي سيڊا جي نااهلي سبب بدين ضلعو پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاءِ تڙپي رهيو آهي. هنن چيو ته بدين ۾ سڀ کان سٺو ساريالو فصل ٿيندو هو، جيڪو وقت سر تيار ٿي مارڪيٽ ۾ خوراڪ جي کوٽ کي منهن ڏيندو هو پر هاڻي بدين ۾ پاڻي نه اچڻ ڪري ساريالو فصل نٿو ٿي سگهي، جنهن ڪري آبادگار ۽ هاري سخت پريشان آهن. هنن چيو ته پنجاب سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻي رهيو آهي، جنهن جي سزا وري بدين ضلع کي ملي ٿي. هنن چيو ته چشما لنڪ ڪئنال ۽ تونسا لنڪ ڪئنال بند ڪيا وڃن، سکر بئراج تي شفاف جاچ ڪرائي وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته سيڊا کي ختم ڪري ايم ڊي سيڊا کي گرفتار ڪيو وڃي. ڦليلي ڪئنال سيڊا کان واپس ورتو وڃي. ڦليلي ڪئنال تي قائم ڪيل غيرقانوني لڳل دڪا ختم ڪيا وڃن. ڦليلي ڪئنال تي پاڻي تي لڳندڙ ڌاڙو بند ڪيو وڃي. جنهن ڪئنال جو پاڻي جتان آهي.
ان کي اتان پاڻي ڏنو وڃي. جڏهن ته نٽهڻ اُُس ۾ ڌرڻو 6 ڪلاڪ لڳل رهيو. ڌرڻي دوران سيڊا عملدار آبادگارن کي حراسان ڪري ڌمڪيون پڻ ڏيندا رهيا. جڏهن ته شام ڌاري ايم ڊي باسط سومرو ڌرڻي ۾ پهچي بدين ضلعو بچايو تحريڪ جي اڳواڻن سان ڳالهايون ڪيون. جنهن ۾ چيئرمين آباگارن کي خاطري ڪرائي ته ڦليلي ۾ هڪ فٽ پاڻي بند ڪيو آهي، ڪوٽڙي بئراج جي سمورن ڪئنالن کي برابر پاڻي ڏنو ويندو. ان ڏس ۾ آبادگارن ۽ سيڊا ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو. ڌرڻي ۾ گلاب لغاري، ڄامشورو، بدين، ٽنڊو باگو، تلهار، ماتلي سميت مختلف علائقن مان آبادگارن ۽ هارين شرڪت ڪئي.