پاڪستانسنڌ

نئون دمبالو لڳ معصوم نينگري اغوا بعد بازياب، زيادتي جو الزام

نئون دمبالو: نئون مبالو ويجهو ڳوٺ جيئو خان نوحاڻي جي رهواسڻ 13 ورهين جي معصوم نينگري اغوا بعد آزاد ٿي پريس ڪلب نئون دمبالو پهچي وئي، جنهن نئون دمبالو پريس ڪلب تي صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته مون کي 5 بااثر جوابدارن هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري کڻي ويا هئا، جڏھن ته ايس ايڇ او ڊگهڙي جي ڪاوشن سان ٽن ڏينهن بعد مون کي بازياب ڪرايو ويو آهي ۽ مون کي پنهجي مائيٽن حوالي ڪيو ويو آهي، جڏھن ته هاڻي وري بااثر مون کي ۽ منهنجي مائيٽن کي جان سان مارڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رهيا آھن.

هن چيو ته بااثر مون کي اغوا ڪري لڳاتار ٽن ڏينهن تائين جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻائي حراسان ڪندا رهيا ۽ غير اخلاقي ويڊيوز پڻ ٺاهيون اٿن، ڇوڪري جي ڀا ۽ سندس سئوٽ ٻڌايو ته اسان جي معصوم 13 ورهين جي نياڻي کي بااثر هٿيارن جي زور تي زبردستي اغوا ڪري ويا ۽ جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو، جڏھن ته اسان پوليس جي مدد سان نيگري کي بازياب ڪرائي ورتو ۽ جوابدار فرار ٿي ويا آھن. هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button