اوڏيرولال: اوڏيرولال لڳ ڳوٺ خليفو يار محمد شاهه جي رهواسڻ 8 ٻارن جي ماءُ ممتاز ڪنڀار پنهنجي مڙس الهبچايو ڪنڀار جي زيادتين خلاف پريس اوڏيرولال اسٽيشن ۾ احتجاج ڪندي الزام هنيو ته منهنجو مڙس الهبچايو ٻي شادي ڪرڻ بعد مون تي تشدد ڪري مون کي گهران ڪڍي منهنجي جان جو دشمن بڻجي ويو آهي.
جنهن بعد مون پنهنجي ڀائرن جي گهر ۾ پناهه ورتي آهي، جڏهن ته منهنجي مڙس منهنجا 7 ٻار پڻ کسي ورتا آهن، هاڻي آئون مفلسي واري زندگي گذاري رهي آهيان، هن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي منهنجا ٻار واپس ڪرائي، مون کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.