حيدرآباد: پاڪستان پيپلزپارٽي (شهيد ڀٽو ) پاران ملڪ ۾ مهانگائي خلاف ڪالهه سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، ان سلسلي ۾ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي ارشاد خاصخيلي، سيد حسنين شاهه، محبوب سيال، رجب خاصخيلي، شيراز پتوجو، سيد اسد شاهه ۽ ٻين خطاب ڪيو، لاڙڪاڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جتي ڪارڪنن هٿن ۾ بئنر ۽ پارٽي جهنڊا کڻي زوردار نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي پ پي پي شهيد ڀٽو ضلعي لاڙڪاڻي جي قائم مقام صدر محراب علي ڀٽو، جنرل سيڪريٽري محمد صالح ٽاٽڙي، لياقت عمراڻي، عبدالستار جاگيراڻي، شاهنواز ٿهيم، روشن علي سومرو ۽ ٻين خطاب ڪيو.
ٺٽو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي. جنهن جي اڳواڻي چاندي خان بروھي، ڪريم داد رند، مقبول شاھه، لالا ساگر شيخ، ذوالفقار بروھي، بابو احسان ڀٽو ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا. ڪنڊيارو نيشنل پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي پ پ شهيد ڀٽو جي صوبائي جنرل سيڪريٽري رحيم بخش کوسو، نذير سولنگي، ظفر کوسو، عمردراز قائمخاني ۽ ٻين خطاب ڪيو. مظاهرن کي خطاب ڪندي اڳواڻن جو چوڻ هو ته آءِ ايم ايف جا غلام هر روز تيل جون قيمتون وڌائي رهيا آهن، جنهن سبب ملڪ ۾ مهانگائي چوٽ چڙهي وئي آهي، ماڻهو 2 ٻن ويلن جي ماني کائڻ لاءِ مجبور ٿي ويو آهي، هنن چيو ته ڪرپٽ حڪمرانن ملڪ جي معيشت کي تباهي جي ڪناري پهچائي ڇڏيو آهي، هنن چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ پڻ هٿرادو ڪئي وئي آهي، سنڌ زرعي صوبو آهي سنڌ جي هارين جو گذارو هن ساريالي فصل تي هوندو آهي، پاڻي نه هجڻ ڪري سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون بنجر بڻجي وينديون، سنڌ جي هارين سان وڏي ناانصافي ٿي رهي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته ملڪ مان مهانگائي ختم ڪري سنڌ جي غريب عوام کي پاڻي ڏنو وڃي.