اسلام آباد: چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ ڊپٽي چيئرمين نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي جنرل نديم رضا چيو آهي ته قومي اسٽريٽجڪ پروگرام تي بي بنياد ۽ غير ضروري تبصرن کان هر صورت پاسو ڪيو وڃي، سول ۽ فوجي قيادت اسٽريٽجڪ پروگرام سان گڏ شيهي جي ڀِت جيان بيٺل آهي. نيشنل يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي جنرل نديم رضا چيو ته پاڪستان جو ايٽمي پروگرام ملڪي دفاع ۽ سلامتي جو ضامن آهي، ايٽمي پروگرام کي عوام ۽ سياسي پارٽين جي حمايت حاصل آهي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي ائٽمي پروگرام تي ڪا سوديبازي نه ڪندو، پاڪستان هڪ ذميوار ۽ پراعتماد نيوڪليئر ملڪ آهي. ڊپٽي چيئرمين نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي جنرل ندم رضا وڌيڪ چيو ته اسان جي قومي سيڪيورٽي ۽ سيفٽي ميڪنزم هر قسم جي خطري خلاف سمورن قومي ۽ عالمي ضابطن موجب آهي، قومي اسٽريٽجڪ پروگرام تي بي بنياد ۽ غير ضروري تبصري کان پاسو ڪيو وڃي، ايٽمي ملڪن ۾ لاڳو طريقه عمل موجب رڳو نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي ئي اسٽريٽيجڪ پروگرام تي رسپانس ۽ تبصرو ڏئي سگهي ٿي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close