پاڪستان

خواجا آصف هفتي ۾ ٻن موڪلن جي تجويز ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: بچاءَ واري وزير خواجا آصف هفتي ۾ ٻن موڪلن جي تجويز ڏئي ڇڏي. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ خواجا آصف چيو ته موجوده حالتن ۾ سڄي ملڪ ۾ ڇنڇر ۽ آچر موڪل هجي، ڇنڇر، آچر موڪل ۽ جمعي تي اڌ ڏينهن ڪم هجي، معنيٰ هفتي ۾ ساڍا 4 ڏينهن ڪم هجي. هن چيو ته ڪم جي ڏينهن ۾ هڪ ڪلاڪ آفيس جو وقت وڌايو وڃي، ائين روڊن تي ٽريفڪ گهٽ ٿيندي، تيل ۽ بجلي ٻنهي جي بچت ٿيندي، اهڙن قدمن سان بچت مهم جي ڪلچر کي هٿي ملندي. واضح رهي ته شهباز شريف وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ ڇنڇر ڏينهن موڪل جي خاتمي جو اعلان ڪيو هو پر حڪومت پوءِ ان کي بحال ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button