اسلام آبادپاڪستان

صدر قومي اقتصادي ڪائونسل جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)صدر ڊاڪٽر عارف علوي آئين جي آرٽيڪل 156 – ون تحت قومي اقتصادي ڪائونسل جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران ڪالهه جاري بيان موجب وزيراعظم قومي اقتصادي ڪائونسل جو چيئرمين ۽ چئني صوبن جا وڏا وزير ڪائونسل جا ميمبر هوندا. وفاق مان منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي وارو وفاقي وزير مفتاح اسماعيل، واپار وارو وفاقي وزير نويد قمر ۽ مواصلات وارو وفاقي وزير اسعد محمود اقتصادي ڪائونسل جا ميمبر مقرر ڪيا ويا آهن. جڏهن ته پنجاب مان اويس احمد لغاري ۽ سنڌ مان سينيٽر نثار احمد کهوڙو جا نالا قومي اقتصادي ڪائونسل جي ميمبر طور منظور ڪيا ويا. خيبرپختونخوا مان ناڻي وارو وزير تيمور سليم جهڳڙا ۽ بلوچستان مان ناڻي وارو سينيئر وزير نور محمد دمڙ بطور ميمبر مقرر ڪيا ويا آهن. پلاننگ ڪميشن جو ڊپٽي چيئرمين، ناڻي وارو سيڪريٽري، اقتصادي معاملن وارو سيڪريٽري ۽ منصوبابندي ڊويزن وارو سيڪريٽري خصوصي دعوت تي قومي اقتصادي ڪائونسل جي اجلاسن ۾ شرڪت ڪندا. وزيراعظم سمري تحت قومي اقتصادي ڪائونسل جي نئين سر جوڙجڪ جي درخواست ڪئي هئي. صدر قومي اقتصادي ڪائونسل جي نئين سر جوڙجڪ وزيراعظم جي ايڊوائيس تي ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button