![](https://s3.amazonaws.com/sindhexpress.com.pk/2022/06/RAHILA-780x468.jpg)
عثمان شاھه ھڙي: مڪاني چونڊ ويجهو ايندي ئي تعلقي جهنڊومري ۾ پ پ مخالف اڳواڻن گڏجاڻين جو سلسلو تيز ڪري ڇڏيو. ڳوٺ غلام نبي شاھه ۾ سيد امجد شاھه جي رهائشگاهھ تي اڳوڻي ضلعي ناظمه ڊاڪٽر راحيلا گل مگسي، تحريڪ انصاف اڳواڻ علي پلهھ ۽ سيد امجد شاهھ جي اڳواڻي ۾ 40 برادرين جي معززن جي گڏجاڻي ٿي. ان موقعي تي اڳوڻي ضلعي ناظمه راحيلا گل مگسي چيو ته راڄوڻي اتحاد ۾ سڄي تعلقي جهنڊو مري جي برادرين جي ساٿ سان پ پ کي شڪست ڏني ويندي، گڏجاڻي کانپو مخالفن جون ننڍون حرام ٿي ويون آھن. ٽائون ڪميٽي پيارو لنڊ، يوسي جهنڊو مري، عثمان شاهھ ھڙي، ميل ۽ ڊاسوڙي سميت سمورين يوسيز ۽ وارڊن تي اميدوار بيهاري مخالفن کي گهر ڀيڙو ڪيو ويندو. تحريڪ انصاف اڳواڻ علي پلهھ چيو ته مسلسل 15 سالن کان پ پ پوري ضلعي تي قبضو ڪري ويٺل آھي، اسان هن ڀيرو کين ڀرپور نموني برادرين جي مدد سان چونڊ کٽي شڪست ڏئي عوام جي خدمت ڪنداسين. ان موقعي تي محمد محسن مگسي، شبير شاهھ، ڏاڏو صالح ٿيٻو، ياسين مري، قائم خاصخيلي، شوڪت مڱريو، فداحسين چوهاڻ، امجد شاهھ، غضنفر دائوداڻي، قاسم لنڊ، وحيد لنڊ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.