راڌڻ: راڌڻ ۾ ٽرڪ اڏي تي پورهيو ڪندڙ علي حسن سومرو ۽ مختيار سولنگي جي اڳواڻي ۾ مزودرن اجرت گهٽ ملڻ ۽ مھانگائي خلاف احتجاج ڪندي چيو ته جيڪا به حڪومت اچي ٿي، اهو تيل مھانگو ڪري عوام مٿان مھانگائي جو بم ڪيرائي ٿي، پر اسان مزدورن جي اجرت 4 سئو روپين کان وڌيڪ نٿي وڌي، ھن مھانگائي جي دور ۾ اسان فاقاڪشي تي مجبور آھيون، گھٽ اجرت سبب اسان گھر جو خرچ پورو نٿا ڪري سگھون، ٻارن جي تعليم به متاثر ٿي رهي آهي. اسان دڪاندار اڳواڻن ۽ ٽرانسپورٽ اڏن جي مالڪن کي اپيل ٿا ڪيون ته اسان جي اجرت وڌائي وڃي، جيئن پنهنجي ٻچن جو پيٽ پالي سگهون.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close