اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

تيل مهانگو نه پيا ڪريون،معاهدي تي هلون ها ته 300 رپيا لٽر هجي ها:مفتاح اسماعيل

اسلام آباد : پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڏي پئماني تي واڌ کانپوءِ تڪليف ورتل عوام حڪومت طرفان هڪ ڀيرو ٻيهر پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جي خبرن تي پيٽرول پمپن جو رُخ ڪري ورتو. ان حوالي سان مفتاح اسماعيل وضاحت ڪئي آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مفتاح اسماعيل پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جي ترديد ڪندي چيو ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ڪا واڌ نه پئي ٿئي، نه ئي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو ڪو پلان آهي ۽ نه واڌ جي ڪا سمري وصول ٿي آهي. هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ جي آءِ ايم ايف معاهدي تي هلون ها ته پيٽرول ٽي سئو رپيا لٽر هجي ها. اسلام آباد ۾ بزنس ڪانفرنس ڪندي مفتاح اسماعيل جو چوڻ هو ته عمران خان فيبروري ۾ روس ويو، ڪڻڪ ۽ گيس تي ڳالهيون ٿيون، تيل جو ڪٿي ذڪر نه هيو. جيڪڏهن سستو تيل ملي رهيو هجي ها ته عمران خان مارچ ۾ وٺي ڇڏي ها. جيڪڏهن شوڪت ترين ۽ عمران خان جي آءِ ايم ايف سان ڪيل معاهدي تي هلون ها ته پيٽرول هن وقت 300 رپين جو هجي ها. هن چيو ته 18-2017 ۾ اسان ڪڻڪ برآمد ڪري رهيا هئاسين، هن سال درآمد ڪنداسين. گذريل حڪومت کنڊ 48 رپين ۾ برآمد ڪئي ۽ پوءِ 96 رپين ۾ درآمد ڪئي، اسان کي پاڪستان ڏکين حالتن ۾ مليو پر اسان بهتر حالتن ۾ ڇڏي وينداسين. اميد آهي ته گھڻو جلد آءِ ايم ايف سان معاهدو ٿي ويندو. سندس چوڻ هو ته ته ڏکيا فيصلا ڪياسين ۽ ڪنداسين، 1600 ارب رپين جو خسارو پاور سيڪٽر جو آهي، ايس اين جي پي ايل 200 ارب رپئي جو نقصان ڪري چڪي آهي. اسان کي 21 ارب ڊالر ٻين ملڪن کي واپس ڪرڻا آهن، 12 ارب ڊالرن جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ٿيندو. مفتاح اسماعيل چيو ته شهباز شريف کي ذميواري ملئي ٻه مهينا ٿيا آهن، اسان گھڻا سخت فيصلا ڪيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button