اسلام آبادپاڪستان

وڌيڪ افغان پناهگير اچڻ جو خطرو آهي،ڀارت گستاخ بيانن تي معافي گهري:بلاول

اسلام آباد : پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته افغانستان مان وڌيڪ پناهگير اچڻ جو خطرو آهي، افغان حڪومت کي عالمي برادري جي اميدن تي پورو لهڻو پوندو. ڀارت گستاخاڻي بيانن تي معافي گهري. ڪالهه اسلام آباد ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڀارت گستاخاڻي بيانن تي معافي نه گهري ته حقيقت وڌيڪ کلي ويندي ته ڀارت سيڪيولر يا جمهوري نه پر هندو بالادستي جو ملڪ آهي. هن چيو ته افغانستان مان انهن کي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، جن جي زندگين کي خطرو آهي. افغانستان ۾ 97 سيڪڙو ماڻهو غربت جي ليڪي کان هيٺ وڃي رهيا آهن. ڏکڻ ايشيا ۾ مستحڪم امن والاريل ڪشمير جي تڪرار جي حل سان مشروط آهي. اڱاري تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو جي دعوت تي جرمني جي پرڏيهي وزير انالينا بيربوڪ پاڪستان پهتي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو پنهنجي آفيس پهچڻ تي جرمني جي پرڏيهي وزير کي ڀليڪار چيو، بلاول ڀٽو ۽ جرمني جي پرڏيهي وزير وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ جي حوالي سان تفصيلي ملاقات ڪئي. بلاول ڀٽو ۽ جرمني جي پرڏيهي وزير ٻنهي ملڪن وچ ۾ وڌيڪ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ حنا رباني کر به ملاقات ۾ موجود هئي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو چيو ته روس يوڪرين معاملي تي سندس چوڻ هو ته يوڪرين تي پاڪستان جي موقف ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي. اسان روس يوڪرين مسئلو ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ تي زور ڏيندا رهنداسين. سڀني تڪرارن کي نيٺ ڳالهين ذريعي ئي حل ٿيڻو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته منهنجي ترجيح پاڪستان جي معاشي سفارتڪاري کي هٿي ۽ دنيا سان سٺا رابطا رکڻ آهي. ان موقعي تي جرمني جي پرڏيهي وزير چيو ته افغان طالبان جو گس غلط آهي، معاشي تعاون حقن جي فراهمي سان مشروط هوندو. طالبان ملڪ کي زوال جي ڪناري تي وٺي وڃي رهيا آهن. جيڪڏهن اهو سلسلو جاري رهيو ته صورتحال معمول تي نه ايندي. ڪشمير مسئلي جو حل ڳالهين ذريعي ٿيڻ گهرجي، ڪشمير مسئلي تي گڏيل قومن جي ٺهرائن جي حمايت ڪيون ٿا. جرمن پرڏيهي وزير انالنابربوڪ چيو ته جڏهن اسان سرحد جي هن ڀر ڏسون ٿا ته صورتحال سنگين نظر اچي ٿي. طالبان ملڪ کي پوئتي وٺي وڃي رهيا آهن. والدين نٿا ڄاڻن ته پنهنجن ٻارڙن کي کاڌو ڪيئن کارائين، ڇوڪريون تعليم جي حقن کان محروم آهن. عورتن کي معاشري جي سمورن پاسن کان پري ڪيو ويو آهي. اختلافي آوازن کي دٻايو پيو وڃي ۽ معيشت تباهه ٿي رهي آهي. پاڪستان اسان جو سڀ کان ويجهو ۽ اعتماد جوڳو ساٿي رهيو آهي. هن چيو ته موسمياتي تبديلي دنيا لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج بڻجي چڪو آهي ان جا اثر نطر اچڻ شروع ٿي ويا آهن. جڏهن ته بلاول ڀٽو چيو ته حڪمران جماعت بي جي پي جي اڳواڻن طرفان حضرت محمد صلعم جي شان ۾ گستاخي سان پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ مسلمانن جي دل آزاري ٿي. ڀارت پاران چڙ ڏياريندڙ بيان ڳالهين جي رستي ۾ رڪاوٽ آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ افغان سرزمين استعمال ٿيندي رهي، پاڪستان افغان پناهگيرن کي سالن کان پناهه ڏئي رهيو آهي. گذريل سال پاڪستان جرمني کي 2 ارب 50 ڪروڙ ڊالرز جي ايڪسپورٽ موڪلي جڏهن ته هڪ ارب 30 ڪروڙ ڊالرز جي امپورٽ موصول ڪئي. پاڪستان ۽ جرمني خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن. ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو سان گڏ جرمني جي پرڏيهي وزير ٻوٽو به لڳايو. ملاقات کان پوءِ پنهنجي پاڪستاني هم منصب بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button