اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته جيستائين ملڪ ۾ سياسي استحڪام نه ٿيندو معاشي استحڪام نه ايندو. پري بجيٽ بزنس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته معاشي ۽ سياسي استحڪام پاڻ ۾ جڙيل آهن، جيستائين ملڪ ۾ سياسي استحڪام نه ٿيندو معاشي استحڪام نه ايندو. وزيراعظم معاشي ۽ سياسي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرن کي گڏجي ويهڻ ۽ ميثاق جمهوريت تي فيصلا ڪرڻ جي دعوت ڏني. وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته اڄ ملڪ ۾ تيل ۽ گيس لاءِ پئسا ناهن، رياست کي صوبن سان گڏجي هڪ گڏيل منصوبو جوڙڻو پوندو. هن چيو 3 ملين ٽن ڪڻڪ اسان کي امپورٽ ڪرڻي پئجي رهي آهي، زرعي شعبو ملڪ جي تقدير تبديل ڪري سگھي ٿو ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان زرعي پيداوار وڌائي سگھجي ٿي. سندس چوڻ هو ته ماضي ۾ ڀارت اسان جي معاشي طريقن جي پيروي ڪئي، 90ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستاني ڪرنسي ڀارتي رپئي کان بهتر هئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close