پاڪستانسنڌ

فريدآباد ۾ پ پ ۽ پي ٽي آ سامهون عورت اميدوار ميدان ۾ اچي وئي

فريدآباد: فريدآباد لڳ يوسي چارو ۾ پ پ ۽ پي ٽي آ جي اميدوارن جي سامهون آزاد اميدوار جي حيثيت سان ڳوٺ چارو جي رهواسڻ ارباب خاتون وارڊ نمبر 2 تي بيهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان آزاد اميدوار ارباب خاتون نيشنل پريس ڪلب فريدآباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته 15 سالن کان پ پ جي حڪومت هلي رهي آهي پر ڳوٺ ۾ ڪٿي به ترقياتي ڪم ناهن ڪرايا ويا، ڪاڇي جا ماروئڙا پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آھن، زمين آباد ڪرڻ لا به زرعي پاڻي ناھي، پي ٽي آ ۽ پ پ عوام کي مهانگائي کان سوا ڪجهه به ناهي ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته پنهنجي وارڊ تي آزاد اميدوار جي حيثيت سان اليڪشن ۾ بيھي رهي آهيان.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button