پاڪستانسنڌ

راڌڻ ۾ پاڻي کوٽ خلاف مختلف ڌرين جو مظاهرو

راڌڻ: راڌڻ ۾ پاڻي کوٽ خلاف شاھي بازار جي حسيني چوڪ تي سماجي اڳواڻ نظير احمد بروهي، شمن لاکير، تاج محمد سومرو، نعيم سولنگي، الطاف ميراڻي ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته پاڻي کوٽ سبب سنڌ جي زمين بنجر بڻجي رهي آهي، جنهن ڪري آبادگارن جا گهرڀاتي فاقاڪشي تي مجبور آهن، پر سنڌ حڪومت جي ڪن تي جون به نٿي چري، پ پ نواز ليگ جي ساٿاري آهي، ان کي وفاق خلاف احتجاج ڪرڻ گهرجي. هنن چيو ته وزيراعليٰ سنڌ ۽ آبپاشي واري وزير کي اپيل ڪئي ته سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button