اسلام آبادپاڪستان

پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۾ آءِ پي پيز جي معاهدن جا تفصيل طلب

اسلام آباد : پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي آءِ پي پيز جي سمورن معاهدن جا تفصيل گھرائي ورتا. نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) چيئرمين پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۾ پيش ٿي ٻڌايو ته ڊسڪوز کي 13 سيڪڙو لائن لاسز جي رعايت آهي پر عملي طور تي بجلي جو نقصان 17 سيڪڙو آهي، ڪيسڪو ۾ 65 سيڪڙو بجلي چوري ٿي رهي آهي. نيپرا چيئرمين ٻڌايو ته بجلي واهپيدارن کي نيٽ ميٽرنگ جي سهولت ڏيڻ سان نقصان ٿي رهيو آهي، واهپيدار پنهنجي بجلي به پيدا ڪري رهيا آهن ۽ وڪرو به ڪري رهيا آهن، حڪومت جو دٻاءُ آهي ته واهپيدارن کان بجلي وٺي رهيا آهيون، اسان کي نقصان آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته 41 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي، ان تي ڪميٽي ميمبر سوال ڪيو ته جيڪڏهن 41 هزار ميگاواٽ بجلي ٺاهڻ جي صلاحيت آهي ته لوڊشيڊنگ ڇو ٿي رهي آهي؟ چيئرمين چيو ته بجلي ٺاهڻ جي صلاحيت آهي پر بدقسمتي سان فيول جي گھٽتائي جو شڪار آهيون. پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين نور عالم خان چيو ته ڪجهه آءِ پي پيز کي بجلي استعمال نه ڪرڻ باوجود پئسا ڏنا پيا وڃن، جڏهن عوام بجلي نه وٺي رهيو آهي ته آءِ پي پيز کي پئسا ڇو ڏيون؟ نيپرا چيئرمين ٻڌايو آءِ پي پيز سان سي پي پي اي ڪيپيسٽي پيمنٽ چارجز جا معاهدا ڪري ٿي. ان کانپوءِ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي آءِ پي پيز جي سمورن معاهدن جا تفصيل طلب ڪري ورتا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button