پاڪستانسنڌ

سجاول لڳ نامعلوم ڪار جي ٽڪر ۾ نينگر فوت، وارثن جو ڌرڻو

سجاول: سجاول لڳ نامعلوم ڪار جي ٽڪر ۾ نينگر فوت، وارثن سجاول-بدين روڊ بند ڪري ڇڏيو، خبر موجب سجاول-بدين روڊ تي ڪيٽ جاکرا بس اسٽاپ وٽ تيزرفتار ڪار جي ٽڪر لڳڻ سبب ڏھه سالن جو راھگير نينگر نوشاد پٽ اميد علي جاکرو فوت ٿي ويو. جڏھن ته ڪار ڊرائيور گاڏي سميت جا حادثي تان فرار ٿي ويو.

ٻئي پاسي فوتي نينگر جي وارثن سجاول-بدين روڊ تي ٽائر ساڙي سخت احتجاج ڪيو ۽ ڌرڻو ھڻي روڊ کي ٽريفڪ لاءِ بند ڪري ڇڏيو، جنھن سبب روڊ جي ٻنھي طرفن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون. وارثن جو چوڻ ھو ته اسان جي نينگر کي ٽڪر ھڻي ماريندڙ ڪار ڊرائيور جو پتو لڳائي کيس گرفتار ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button