پاڪستانسنڌ

ملڪ ۾ وڌندڙ مھانگائي ۽ پاڻي کوٽ خلاف ماتلي ۾ احتجاجي مظاهرو

ماتلي: ملڪ ۾ وڌندڙ ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي ۽ پاڻي جي کوٽ خلاف ماتلي ۾ ايس ٽي پي پاران ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري سخت نعريبازي ڪئٔي وئي. ريلي ڦلڪارا چوڪ کان نڪتي جيڪا شھر مان ٿيندي پريس ڪلب آڏو پھتي، مظاھري کي خطاب ڪندي اڳواڻن اسلم مھندو، گل محمد شاھه، بابو لطف جھيجو، ذوالفقار شاھه ۽ ٻين چيو ته موجوده سرڪار مھانگائي ڪري اڳوڻا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آھن، جنهن ڪري غريب طبقو خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو آھي. ھنن چيو ته ھڪ پاسي مھانگائٔي ۽ ٻئي پاسي زرعي پاڻي جي کوٽ غريب طبقي کان جئئڻ جو حق کسيو پيو وڃي. مظاھرين مھنگائي تي ضابطو آڻڻ ۽ پاڻي جي کوٽ ختم ڪرڻ جي گھر ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button