پاڪستانسنڌ

ملڪ ۾ گھڻ طرفي جدوجھد جي ضرورت آھي: عوامي تحريڪ

حيدرآباد: عوامي تحريڪ جي قائد رسول بخش پليجي جي جنگشاھي ۾ چوٿين ورسي جو شاندار جلسي عام ڪرڻ تي عوامي تحريڪ، سنڌياڻي تحريڪ جي ڪارڪنن ۽ سنڌي عوام کي مبارڪون ڏيندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، مرڪزي سينيئر نائب صدر عبدالقادر رانٽو، مرڪزي نائب صدر حورالنسا پليجو ۽ مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار ورسي جي جلسي عام ۾ سڄي ملڪ مان شرڪت ڪندڙ سياسي، سماجي اڳواڻن، صحافين، اديبن، دانشورن، شاعرن، صحافين، وڪيلن، استادن، شاگردن، ھارين ۽ مزدور اڳواڻن جا ٿورا مڃيا آھن.

عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو آھي تھ ملڪ ۾ حقيقي جمھوريت جي بحالي، قومن جي حق حڪمراني، وسيلن جي مالڪي ۽ عالمي سامراج ۽ ان جي مقامي ايجنٽن جي پنجوڙ مان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ گڏيل ٻڌي ۽ گھڻ طرفي جدوجھد جي ضرورت آھي. جلسھ عام ۾ شامل ٿي جنھن سياسي قيادت گڏيل حڪمت عملي جو سڏ ڏنو آھي. ان تي وڌيڪ ملڪ دوست، قوم دوست سياسي ڌرين کي اعتماد ۾ ورتو ويندو. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو آھي تھ سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ڪري سنڌي ماڻھن کي ديوار سان لڳايو ويو آھي. ٻئي پاسي ورسي کانپوءِ واپسي تي عوامي تحريڪ ضلعي ٽنڊوالھيار جي بس کي مُلان ڪاتيار جي پوليس چوڪي ويجھو روڪي ڦرلٽ ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button