پاڪستانسنڌ

هڪٻئي جي مدد سان پ پ اميدوارن کي شڪست ڏينداسين: عادل الطاف انڙ

راڌڻ: راڌڻ ڀرسان آفاق مشتاق ميمڻ پاران بلدياتي اليڪشن جي حوالي سان ڪارنر گڏجاڻي ڪوٺائي وئي، ڪارنر گڏجاڻي ۾ مهمان خاص انڙ گروپ جي سرواڻ ۽ جي ڊي اي مرڪزي اڳواڻ عادل الطاف حسين انڙ، ٽائون ڪاميٽي تي چيئرمين جو اميدوار حاجي عبدالحميد جيسر، اڳوڻو چيئرمين لياقت علي سومرو، اياز خان جوڻيجو، عبدالغني ابڙو، رياض خان جوڻيجو ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ ميمڻ برادري، ٿهيم ۽ کوکر برادري سميت معزز شخصيتن جي ڊي اي مرڪزي اڳواڻ عادل الطاف حسین انڙ جي حمايت جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي عادل الطاف حسين انڙ خطاب ڪندي چيو ته هڪ ٻئي جي مدد ۽ محنت سان پيپلز پارٽي کي بري شڪست ڏينداسين، ڏوڪري ٽائون انڙ گروپ جو قلعو آهي، بلدياتي اليڪشن ۾ ڀرپور نموني سان جي ڊي اي پاران بيهاريل اميدوار اوهان جي حقيقي ووٽ سان ڪامياب ٿيندا، اوهان جي ووٽ ذريعي پيپلزپارٽي جي تڏا ويڙهه ڪنداسين. ان موقعي تي ضمير ڀٽي، عبدالقدير جيسر، صحبت جسڪاڻي، زاهد سولنگي، ذوالفقار جوڻيجو، نثار ٻٺ، سليم واڍو، عبدالعليم ٿهيم، علي اصغر ميمڻ، عبدالحمید کوکر، علي محمد ڏيرو ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button