اسلام آبادپاڪستان

ادارن کي گندي سياست ۾ گهيلڻ جو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي:مريم نواز

اسلام آباد :مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اڳواڻ مريم نواز چيو آهي ته بني گالا جو نالو مني گالا هئڻ گهرجي. انقلابي ضمانت وٺي سپريم ڪورٽ طرف ڏسي رهيو آهي ته جيڪو انقلاب اسان آڻي نه سگهيا آهيون، ان ۾ اسان جي مدد ڪريو. ادارن کي گندي سياست ۾ ڇڪڻ جي عمل جي مذمت ڪريان ٿي. ادارن کي گندي سياست ۾ ڇڪڻ جو سلسلو ختم ٿيڻ گهرجي. مريم نواز چيو ته هر ڪنهن پنهنجي اکين سان ڏٺو ته هنن فتني بازن کي تاريخي شڪست ملي. هاڻي راڻا ثناءُ الله پنهنجو رستو ڳولي رهيو آهي پر اهي انقلاب جي تاريخ نه ڏئي سگهيا آهن.گذريل ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيشيءَ کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته عمران خان حڪومت لاءِ بارودي سرنگون وڇايون ۽ ملڪ کي آءِ سي يو ۾ اڇلايو، اهڙو بار لڳايو جنهن کي کڻڻ جي پاڪستان ۾ همت ناهي، ٻين ملڪن سان به پاڪستان جا لاڳاپا خراب ٿي ويا، انشاءَ الله انهن کي ٺيڪ ڪنداسين. هن چيو ته صحافين پاران رٽائرڊ فوجين کان سوال ڪيا ويا پر اهي جواب ڏيڻ کانسواءِ ڀڄي ويا، مونکي اهو ڏسي تمام گهڻو افسوس ٿيو ته جيڪڏهن هو پنهنجي اداري سان وفادار نه آهن ۽ ڪنهن جي چوڻ تي اداري ۾ فرق پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. ائين ڪرڻ ڏاڍو ڏک ٿيو. هن چيو ته مون کي ڪا تجويز ڏيڻ جي ضرورت ناهي، اڄ ملڪ جي وزيراعظم کي عوام جي ڏک جو اندازو آهي. مريم نواز چيو ته اسان اضافي بجلي بڻائي ويا هئاسين، 10/5 لوڊشيڊنگ وارو پاڪستان اسان کي واپس مليو آهي. هن چيو ته اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف مستقبل جي طلب کي ڏسندي بجليءَ جا ڪارخانا لڳايا. عمران خان ايترو نااهل هو جنهن بجلي جا ڪارخانا فعال نه رکيا. اسان جون ۽ جولاءِ تائين 5 بجلي جا ڪارخانا بحال ڪنداسين. بجلي جا ڪارخانا بحال ٿيڻ سان 5 هزار ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ ايندي، 5 هزار ميگاواٽ بجلي اچڻ سان بجلي جي طلب ۽ رسد ۾ گهٽتائي ايندي. اسان ٻڙي لوڊشيڊنگ ڪئي هئي، اسان کي عوام جي تڪليف جو احساس آهي. عمران خان جيڪي ڪارخانا 4 سال بند رکيا اسان ٻن مهينن ۾ فعال ڪري ڇڏيا آهن. مريم نواز چيو ته تنقيد ڪريو مگر ان شخص جنهن ملڪ کي تباهه ڪيو، بني گالا جو نالو مني گالا هئڻ گهرجي. هن چيو ته هڪ تالو کولرائڻ لاءِ خاتونِ اول کي 5 قيراط هيرو ڏنو ويو، اوهان هيري جون مُنڊيون سمورين آڱرين تي پايو پر پنهنجي پئسن سان عوام جي پئسن سان نه. مريم نواز چيو ته سوال ان سان ڪيو وڃي جنهن پورو صوبو فرح گوگي حوالي ڪيو. وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله راهه ڏسي رهيو آهي ته هي لانگ مارچ جي تاريخ جو اعلان ڪن. هن چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا وزيراعظم جي ماتحت آهن، جڏهن به اهو جٿو اسلام آباد جو رُخ ڪندو ته اسان کين ٻُڌائينداسين ته اسان انهن جي دٻاءُ ۾ اچڻ وارا ناهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button