اسلام آبادپاڪستان

دهشتگردي جو شڪار ٽن چيني استادن کي اعليٰ اعزاز ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد :صدر ڊاڪٽر عارف علوي وزيراعظم جي سفارش تي ٽن چيني استادن کي وفات کانپوءِ تمغه امتياز عطا ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان خميس ڏينهن جاري بيان موجب ڪنفيوشس انسٽيٽيوٽ ڪراچي جي هوانگ گوئي پنگ، تنگ موفانگ ۽ ڇن سائي کي تمغه امتياز لاڏاڻي کانپوءِ عطا ڪيو ويو آهي. ٽئي استاد 26 اپريل تي ڪراچي ۾ دهشتگرد حملي ۾ ماريا ويا هئا. اعزاز پاڪ چين دوستي مستحڪم ڪرڻ ۽ تعليم ۽ ثقافت جي شعبن ۾ لاڳاپا بهتر بڻائڻ جي اعتراف ۾ ڏنو ويو آهي. اعزاز آئين جي آرٽيڪل 259 ۽ اعزازات ايڪٽ 1975ع تحت عطا ڪيا ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button