اسلام آبادپاڪستان

سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي ججن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو اضافو

اسلام آباد :صدر ڊاڪٽر عارف علوي وزيراعظم جي ايڊوائيز تي سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي ججن جي پگهارن ۽ اعليٰ عدليا الائونس ۾ 10 سيڪڙو اضافي جي منظوري ڏئي ڇڏي. خميس ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر منظوري وزيراعظم جي ايڊوائيز تي آئين جي آرٽيڪل 205 تحت ڏني. واضح رهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي ويب سائيٽ تي موجود ڄاڻ موجب هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس پگهار ۽ ٻين فائدن سان گڏ ڪل 11 لک رپين کان وڌيڪ کڻي ٿو. جڏهن ته هاءِ ڪورٽ جا ٻيا جج 10 لک رپين کان وڌيڪ وصول ڪن ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button