اسلام آبادپاڪستان

پي ٽي آ ميمبر عاليا حمزا ۽ ڪنول شوزب پارليامينٽ جي گيٽ تي چڙهي ويون

اسلام آباد : تحريڪ انصاف جي عورت اسيمبلي ميمبرز پارليامينٽ هائوس آڏو احتجاج ڪيو، ان دوران ايم اين اي عاليا حمزا پارليامينٽ هائوس جي گيٽ تي چڙهي وئي. ڪالهه تحريڪ انصاف جون عورت اسيمبلي ميمبرز احتجاج ڪندي پارليامينٽ هائوس پهچي ويون. ان دوران عاليا حمزا ۽ ڪنول شوزب پارليامينٽ جي گيٽ تي چڙهي ويون. پي ٽي آءِ جي عورت ڪارڪنن مهانگائي، اي وي ايم بل ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جي حق جو بل ختم ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.احتجاج جي اڳواڻي قومي اسيمبلي ميمبر عاليا حمزا، ڪنول شوزب ۽ مليڪه بخاري ڪئي، احتجاج ڪندڙ عورتن جي هٿن ۾ ٿانوَ ۽ پلي ڪارڊ هئا. احتجاج دوران قومي اسيمبلي ميمبر عاليا حمزا گيٽ تي چڙهي وئي، جنهن کانپوءِ دَر کوليو ويو ۽ عورتون پارليامينٽ هائوس جي احاطي ۾ داخل ٿي ويون، جنهن کانپوءِ پارليامينٽ هائوس جي مرڪزي هال جو در بند ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button