پاڪستانسنڌ

مٺي ۾ گهر ڊاهڻ خلاف معذور پورهيت جو گهرڀاتين سميت ڌرڻو

مٺي: مٺي جي شامداس ڪالوني جي رهواسي معذور گيان ڀيل پنهنجن معصوم ٻارڙن ۽ عورتن سميت بااثرن پاران گهر ڊاهڻ خلاف ڪشمير چوڪ تي نٽھڻ اس ۾ ڪيترائي ڪلاڪ ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي پورهيت گيان ڀيل دانهيندي چيو ته 8 سالن کان شامداس ڪالوني ۾ رهان پيو، ڪالهھ بااثرن انچلو ڀيل، موهن ڀيل ۽ ٻين جي چرچ تي جوابدارن حملو ڪري اسان جي گهرن کي ڊاھي مسمار ڪري ڇڏيو آهي، جنهن بعد اسان بي گهر ٿي ويا آھيون. هنن ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪري قبضو ختم ڪرايو وڃي، ٻئي صورت ۾ ٻارن سوڌو پاڻ کي باهه ڏئي ساڙيندس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button