اسلام آبادپاڪستان

بجيٽ اڄ پيش ٿيندي،پگهارن ۾ 10 کان 15 سيڪڙو واڌ جو امڪان

اسلام آباد (رپورٽ: ارشاد انصاري)وفاقي حڪومت طرفان منظوري لاءِ 9500 ارب رپين جي مجموعي بجيٽ اڄ پارليامينٽ ۾ پيش ڪئي ويندي. وفاق ۽ صوبن جي بجيٽ تي ٻڌل مجموعي طور ڪاٿو 12994 ارب رپيا، دفاعي خرچن لاءِ 1586 ارب، سبسڊيز لاءِ 578 ارب ۽ پينشن جي ادائيگي لاءِ 530 ارب رپيا رکڻ جو امڪان آهي. بجيٽ خساري جو ڪاٿو 4282 ارب رپيا لڳايو ويو آهي. 11 ڏهائي 5 سيڪڙو واڌ جو اندازو لڳايو ويو آهي. جڏهن ته ٽيڪس جو هدف 7255 ارب رپيا آهي. 1626 ارب رپين جو ٽيڪس روينيو تجويز ڪيو ويو آهي، بجيٽ ۾ جي ڊي پي (معاشي واڌ) جو 5 سيڪڙو جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي جنهن کي وڌائي 6 سيڪڙو ڪيو ويندو. زرعي شعبي لاءِ ترقي جو هدف 3 ڏهائي 9 سيڪڙو، صنعت لاءِ 5 ڏهائي 9 سيڪڙو ۽ خدمتن جي شعبي لاءِ 5 ڏهائي هڪ سيڪڙو رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. بجيٽ بابت وفاقي ڪابينا جو خاص اجلاس جمعي تي پارليامينٽ ۾ پيش ٿيڻ کان اڳ ٿيندو، جنهن ۾ بجيٽ جي منظوري ڏني ويندي ۽ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ جي تجويز به منظور ڪئي ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 10 کان 15 سيڪڙو واڌ جو امڪان آهي. جڏهن ته ڪنوينس الائونس ۽ ميڊيڪل الائونس سميت ٻيا الائونس پڻ وڌائڻ جي تجويز آهي. ذريعن موجب ايف بي آر ايندڙ مالي سال جي ٽيڪس وصولين جو هدف حاصل ڪرڻ لاءِ سڌي ريت ٽيڪس وصولي جي مد ۾ 2560 ارب رپيا ۽ اڻ سڌي ريت 4695 ارب رپيا ٽيڪس وصولي جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ هر قسم جي گاڏين جي درآمد تي اڍائي سيڪڙو وڌيڪ فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي لاڳو ڪرڻ ۽ وڏن گهرن ۽ فارم هائوسز تي ليوي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. وڌيڪ منافعي وارن ادارن تي به ٽيڪس جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته نان فائلرز لاءِ ٽيڪس جي شرح وڌائڻ ۽ ٽيڪس قانونن ۾ ترميم ڪري ڏنڊ سخت ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. ذريعن موجب ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ وفاق مان 4215 ارب رپيا صوبن ڏانهن منتقل ڪيا ويندا، دفاعي بجيٽ لاءِ 1586 ارب رپيا مختص ڪرڻ جو اندازو لڳايو ويو آهي. جڏهن ته 15 ارب 50 ڪروڙ رپين جي گرانٽس جي ادائگي ڪئي وئي آهي. تخمينو 3523 ارب رپيا آهي. ايندڙ مالي سال جي بجيٽ قومي اسيمبلي ۾ ناڻي وارو وزير مفتاح اسماعيل پيش ڪندو. ايندڙ مالي سال لاءِ بجيٽ جو ڪاٿو9500 ارب رپين جي لڳ ڀڳ هوندو ۽ شرح واڌ 5 سيڪڙو رکي ويندي جيڪا هلندڙ سال 6 سيڪڙو رهي. حڪومت بجيٽ تجويزن کي آخري شڪل ڏئي ڇڏي آهي. بجيٽ ۾ پينشن ڏيڻ لاءِ 530 ارب ۽ سول حڪومت هلائڻ لاءِ 550 ارب رکڻ جو امڪان آهي. وفاقي ترقياتي بجيٽ جو ڪاٿو 800 ارب رپيا هوندو، جنهن ۾ هڪ سئو ارب رپين جو پرائيويٽ پبلڪ پارٽنرشپ جو پروگرام آهي. ايندڙ سال جو بجيٽ خسارو جي ڊي پي جي 5 سيڪڙو کان گهٽ تجويز ڪيو پيو وڃي، جيڪو 6300 ارب رپين جي برابر بڻجي ٿو. ايندڙ مالي سال 41 ارب ڊالر جي فنڊز جي ضرورت پوندي. 21 ارب ملڪي ۽ پرڏيهي قرض لاهڻ لاءِ، 12 ارب ڊالر ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو پورو ڪرڻ لاءِ، 8 ارب ڊالر ناڻي مٽا سٽا جا ذخيرا وڌائڻ لاءِ گهربل هوندا. ايف بي آر جي ٽيڪس اوڳاڙين جي حدف 7 هزار 255 ارب رپيا تجويز ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته نان ٽيڪس روينيو اڳاڙي جو حدف 2 هزار ارب رپين جي لڳ ڀڳ رکيو پيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button