اسلام آبادپاڪستان

مهانگائي،بيروزگاري،ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو جا هدف حاصل نه ٿيا،قرض وڌي ويا:اقتصادي سروي رپورٽ

اسلام آباد : اقتصادي سروي 22-2021 جا اهم انگ اکر سامهون اچي ويا، جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته جي ڊي پي، زراعت، خدمتن ۽ صنعتي شعبي جا هدف حاصل ڪيا ويا. مهانگائي، ڪرنٽ اڪائونٽ ۽ واپاري خسارو، درآمدن جا طئي ٿيل هدف حاصل نه ٿي سگهيا. ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل سرڪاري ملازمن جي پگهارن جي حوالي سان واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڪالهه اسلام آباد ۾ اقتصادي سروي رپورٽ پيش ڪندي مفتاح اسماعيل چيو ته پاڪستان کي چين کان 2 ارب 40 ڪروڙ ڊالر ملي رهيا آهن، سرڪاري ملازمن جون پگهارون وڌائينداسين، اسان کي رٽائرڊ ماڻهن جي پينشن به وڌائڻي پوندي. هن چيو ته پاڪستاني معيشت کي درست رستي تي آڻڻ جي ضرورت آهي. ملڪ ڊيفالٽ جي خطري کان ٻاهر اچي ويو آهي. شيخ رشيد پاڻ چئي چڪو آهي ته خان صاحب بارودي سرنگهون وڇايون، اهي ڪنهن سياسي جماعت لاءِ نه پر پاڪستان لاءِ هيون. اسان روس کان ڪڻڪ خريد ڪري رهيا آهيون. حڪومتي سطح تي ڳالهيون ٿينديون. هن چيو ته اڳوڻي حڪومت جيڪڏهن ڪوڙ نه ڳالهائي ها ته شايد هن وقت ايڏي مهانگائي نه هجي ها. مفتاح اسماعيل چيو آهي ته موجوده حڪومت جي پاليسين جي ڪري پاڪستان ڊيفالٽ ٿيڻ کان بچي ويو آهي. موجوده مالي سال ۾ ملڪي اقتصادي ترقي جي شرح 5 ڏهائي 97 ٿيندي. ان ڪري جاري کاتن جو خسارو وڌي ويو آهي. هن چيو ته ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو وڌڻ سان ٻاهرين ادائيگين جو توازن وڌي ويو آهي. هن چيو ته هن مالي سال ۾ امپورٽ 75 ارب ڊالر رهندي. گذريل سال کان 48 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي جيڪو جي ڊي پي جي تناسب کان وڏو آهي. هن چيو ته ناڻي مٽا سٽا جا ذخيرا 10 ارب ڊالر کان گهٽ ٿي ويا آهن. ناڻي واري وزير چيو ته اڳوڻي حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون وڌائي بارودي سرنگهون وڇائي ڇڏيون. عمران حڪومت بجلي پيدا ڪرڻ ٻارڻ خريد نه ڪيو جنهن ڪري ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي.. هن چيو ته اڳوڻي حڪومت 5 هزار ارب رپين جو بجيٽ خسارو ڇڏيو جيڪو (ن) ليگ جي گذريل دور کان ٽيڻ تي آهي. نواز ليگ جي دور ۾ ٽيڪس ٽو جي ڊي پي شرح 11 ڏهائي هڪ سيڪڙو هئي جيڪا اڳوڻي دور ۾ 8 سيڪڙو تي اچي وئي. اقتصادي سروي موجب مهانگائي، ڪرنٽ اڪائونٽ ۽ واپاري خسارو، درآمدن جا طئي ٿيل هدف حاصل نه ٿي سگهيا، بچت، سيڙپڪاري سميت ڪڻڪ ۽ ڪپهه جا پيداواري هدف به حاصل نه ٿي سگهيا. سروي رپورٽ موجب مالي سال 22-2021 ۾ مجموعي ملڪي پيداوار (جي ڊي پي) جي شرح 6 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن جو هدف 4 ڏهائي 8 سيڪڙو مقرر ڪيو ويو هو. زرعي شعبي جي اوسر جي شرح 3 ڏهائي 5 سيڪڙو جي هدف جي ڀيٽ ۾ 4 ڏهائي 4 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. صنعتي شعبي جي اوسر 6 ڏهائي 6 سيڪڙو جي هدف جي ڀيٽ ۾ 7 ڏهائي 2 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، خدمتن جي شعبي جي اوسر 4 ڏهائي 7 سيڪڙو هدف جي ڀيٽ ۾ 6 ڏهائي 2 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. رپورٽ موجب مهانگائي جي سراسري شرح 8 سيڪڙو جي هدف جي ڀيٽ ۾ 13 ڏهائي 3 سيڪڙو تائين پهچي وئي. جڏهن ته مجموعي سيڙپڪاري 16 ڏهائي هڪ سيڪڙو هدف جي ڀيٽ ۾ 15 ڏهائي هڪ سيڪڙو رهي. سروي موجب پاڪستان ۾ لائيو اسٽاڪ ۾ 3 ڏهائي 26 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي. جولاءِ کان اپريل دوران ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 13 ارب 80 ڪروڙ ڊالرن تائين پهچي ويو. ڪرنٽ اڪائونٽ خساري جو هدف 2 ارب 27 ڪروڙ 60 لک ڊالر مقرر ڪيو ويو هو. ان کانسواءِ جولاءِ 2021 کان مئي 2022 تائين واپاري خسارو 43 ارب 33 ڪروڙ ڊالرن کان وڌي ويو، واپاري خساري جو هدف 28 ارب 43 ڪروڙ 60 لک ڊالر مقرر هو. جولاءِ کان مئي دوران درآمدون 72 ارب 18 ڪروڙ ڊالرن تائين پهچي ويون، درآمدن جو هدف 55 ارب 26 ڪروڙ 60 لک ڊالر مقرر ڪيو ويو هو. سروي رپورٽ موجب جولاءِ کان مئي تائين برآمدون 28 ارب 84 ڪروڙ ڊالر رهيون، برآمدن جو هدف 26 ارب 83 ڪروڙ ڊالر مقرر ڪيو ويو هو. سروي موجب پاڪستان جي آبادي 22 ڪروڙ 47 لک آهي، پاڪستان جا 8 ڪروڙ 28 لک ماڻهو شهرن ۾ رهن ٿا، 14 ڪروڙ 19 لک ماڻهو ٻهراڙي وارن علائقن ۾ رهن ٿا. رپورٽ موجب جولاءِ کان مارچ 18-2017 ۾ اوسر جي شرح 6 ڏهائي 10 سيڪڙو هئي، جولاءِ کان مارچ 22-2021 ۾ اوسر جي شرح 5 ڏهائي 97 سيڪڙو رهي. ان کانسواءِ جولاءِ کان مارچ 18-2017 ۾ مهانگائي جي شرح 4 ڏهائي 6 سيڪڙو هئي، جيڪا جولاءِ کان مارچ 22-2021 ۾ 10 ڏهائي 8 سيڪڙو رهي. سروي رپورٽ موجب مارچ 2022 تائين سرڪاري قرض 44 هزار 366 ارب رپين کان وڌي ويو، هلندڙ مالي سال جي 9 مهينن ۾ قرضن ۾ ساڍا 4 هزار ارب رپين جي واڌ ٿي. سروي رپورٽ موجب مارچ 2022 تائين مقامي قرض جو ڪاٿو 28 هزار ارب رپين کان وڌيڪ رهيو، ان ئي عرصي تائين ٻاهريون قرض 16 هزار 290 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو. هلندڙ مالي سال جي 9 مهينن ۾ پرڏيهي قرض 2689 ارب رپيا وڌيو، جولاءِ کان مارچ تائين ملڪي قرض ۾ 1811 ارب رپين جي واڌ ٿي. اقتصادي سروي موجب مارچ 2022 تائين مقامي قرض جو ڪاٿو 28 هزار ارب رپين کان وڌيڪ رهيو، مارچ 2022 تائين ٻاهريون قرض 16 هزار 290 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو. سروي موجب زرعي شعبي ۾ روزگار ۾ گهٽتائي آئي، زرعي شعبي ۾ روزگار 39 ڏهائي 2 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 37 ڏهائي 4 سيڪڙو رهيو. سروي رپورٽ موجب لائيو اسٽاڪ جي شعبي جي گروٿ 2 ڏهائي 38 سيڪڙو مان وڌيڪ 3 ڏهائي 26 سيڪڙو رهي. فصلن جي پيداوار 3 ڏهائي 48 سيڪڙو مان وڌي 4 ڏهائي 4 سيڪڙو رهي، پاڪستان ۾ اهم فصلن جي پيداوار 5 ڏهائي 83 سيڪڙو مان وڌي 7 ڏهائي 24 سيڪڙو رهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button