اسلام آبادپاڪستان

صدر جا 42 اعتراض رد،اليڪشن ۽ نيب ترميمي بل منظور

اسلام آباد (رپورٽ:وقاص احمد)پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اليڪشن ترميمي بل 2022 ۽ قومي احتساب ترميمي بل 2022 منظور ٿي ويا. گڏيل اجلاس ۾ صدر عارف علوي جي 42 اعتراضن ۽ ترميمن کي رد ڪيو ويو ۽ پي ٽي آءِ سينيٽرن گڏيل اجلاس جو بائيڪاٽ ڪري شرڪت نه ڪئي. جي ڊي اي ميمبر غوث بخش مهر بل جي مخالفت ڪئي. پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي صدر جي اعتراضن کي غير آئيني قرار ڏئي ڇڏيو. وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته قانون سازي جو اختيار ڪنهن هڪ فرد نه پر رڳو پارليامينٽ وٽ آهي. ڪالهه گڏيل اجلاس ۾ اليڪشن ترميمي بل 2022 ۽ قومي احتساب ترميمي بل 2022، جن کي صدر عارف علوي روڪيو هو، منظور ڪيو ويو. اجلاس ۾ اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل جي شق وار منظوري ڏني وئي. جڏهن ته قومي احتساب ترميمي بل تي 25 اعتراض ۽ اوورسيز ووٽنگ بابت 17 سفارشون رد ڪيون ويون. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي ۽ قانون واري وزير نذير تارڙ ٻنهي بلن تي صدر پاران 42 اعتراض ۽ تجويزون پيش ڪيون ۽ انهن کي صدر طرفان آئين کان انحراف قرار ڏنو. جڏهن ته مرتضيٰ جاويد عباسي چيو ته صدر جا اعتراض آئين جي آرٽيڪل 75 جي ڀڃڪڙي آهي. صدر جي ڪرسي تي ويٺل همراهه پارٽي جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اڳوڻي حڪومت اوورسيز پاڪستانين کي غلط بياني ڪئي. اليڪشن ڪميشن جي خط تي موجوده قانون سازي جو فيصلو ڪيو. هن ترميمي بل بابت صدر جي سفارشن تي موقف اختيار ڪندي چيو ته صدر پنهنجون درخواستون جمع ڪرائي سگهي ٿو، حڪم نه. جڏهن ته گڏيل اجلاس ۾ پي ٽي آءِ سينيٽرن شرڪت نه ڪئي ۽ بائيڪاٽ ڪيو. گڏيل اجلاس ۾ قومي اسيمبلي نيشنل انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ جي منظوري به ڏئي ڇڏي. اجلاس دوران جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق اليڪشن ايڪٽ ۽ قومي احتساب بل ۾ ترميمون پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ان تي رضا رباني ۽ فاروق ايڇ نائيڪ ڳالهائيندي چيو ته جماعت اسلامي کي ان وقت ترميمون پيش ڪرڻ گهرجن ها، هاڻ صدر طرفان بل ٻيهر غور لاءِ واپس ڪيو ويو آهي. ان ڪري ان ۾ ڪا به نئين ترميم نٿي ڪري سگهجي. قانون واري وزير نذير تارڙ ان راءِ سان اتفاق ڪندي چيو ته گڏيل اجلاس ۾ رڳو صدر طرفان موڪليل ترميمن تي غور ڪري سگهجي ٿو، ڪنهن به پرائيويٽ ميمبر جي ترميم تي غور نه ٿو ڪري سگهجي. جڏهن ته وفاقي وزير اياز صادق چيو آهي ته ڀارت ۾ ناموس رسالت جو معاملو هلي رهيو آهي، قانون سازي اهم آهي پر ان کان وڌيڪ اهم ڪجهه ناهي. ان تي قرارداد آندي وڃي.اياز صادق جي موقف جي تائيد ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ناموس رسالت تي سڀ ڪجهه قربان آهي. .سڄو عالم اسلام حضور صلي الله عليه وآله وسلم جي لاءِ سڀ ڪجهه قربان ڪري سگهي ٿو. اپوزيشن ليڊر راجا رياض به حڪومتي تجويز جي ڀرپور حمايت ڪئي. گڏيل اجلاس ۾ تحريڪ انصاف جي باغي اڳواڻ عامر لياقت جي وفات تي مغفرت لاءِ دعا گهري وئي، جنهن کانپوءِ اسپيڪر قومي اسيمبلي جو اجلاس 20 جولاءِ شام 4 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button