پاڪستان

گهرو وزير راڻا ثناءُالله خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو فيصلو معطل

لاهور: لاهور هاءِ ڪورٽ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله خلاف ڪيس داخل ڪرڻ وارو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو. سيشن ڪورٽ طرفان وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، سي پي او ۽ ڊي آءِ جي آپريشنز خلاف ڪيس داخل ڪرڻ بابت لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ شنوائي ٿي، جنهن دورا عدالت ڪيس داخل ڪرڻ بابت سيشن ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو. شنوائي دوران عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ايندڙ شنوائي تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي. ياد رهي ته پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ دوران وڪيلن مٿان تشدد ٿيڻ واري ڪيس ۾ سيشن ڪورٽ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ۽ پوليس آفيسرن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، جنهن خلاف پوليس ڪانسٽيبل محمد اسلم لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي جنهن تي لاهور هاءِ ڪورٽ شنوائي ڪندي سيشن ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button