اسلام آباد: اتحادي حڪومت ۾ شامل سمورين سياسي پارٽين جي سربراهن وزيراعظم شهباز شريف تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته ملڪ کي گڏجي سمورن بحرانن مان ٻاهر ڪڍنداسين. رپورٽ مطابق پيپلزپارٽي پارليامينٽريز جي صدر آصف علي زرداري طرفان حڪومتي پارٽين جي سربراهن جي مان ۾ رات جي ماني جو بندوبست ڪيو ويو. زرداري هائوس ۾ ٿيل ان تقريب ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. جتي قومي حڪومت ۾ شامل سياسي پارٽين جي سربراهن وزيراعظم تي اعتماد جو اظهار ڪيو. حڪومتي سياسي پارٽين جي سمورن اڳواڻن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ڪوششن جي به واکاڻ ڪئي ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ملڪ کي گڏجي هر قسم جي بحران مان ٻاهر ڪڍنداسين. رات جي ماني جي دعوت ۾ بجيٽ جي حوالي سان به تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ۽ اڳواڻن ان حوالي سان وزيراعظم کي مشُورا ڏنا. پرڏيهي وزير ۽ پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو ڪورنٽائين ۾ هجڻ سبب تقريب ۾ شريڪ نه ٿيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close