پاڪستانسنڌ

کهڙا ۾ بدامني خلاف واپارين جو احتجاج، تدارڪ جي گهر

کهڙا: کهڙا ۾ واپاري تسليم سيال منور، حاجي ناريجو ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته گمبٽ ۾ چوريون ۽ ڦرون عام ٿي ويون آهن، ايس ايڇ او گمبٽ امن امان برقرار رکڻ ۾ ناڪام ٿي چڪو آهي، هفتو اڳ گمبٽ اڳڙا روڊ تي ڏينهن ڏٺي جو هٿياربندن واپاري تسليم سيال کان هڪ لک 6 هزار رپيا روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا، واقعي جي اين سي گمبٽ ٿاڻي تي داخل ڪرائي آهي، ٿاڻي جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پيا آهيون، پر پوليس ڦورو گرفتار نه ٿي ڪري. هنن ڊي آ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته جوابدار گرفتار ڪري ڦريل رقم واپس ڪرائي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button