حيدرآباد: اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سنڌ ۾ ٻئي مرحلي ۾ ٿيندڙ مڪاني چونڊن جي شيڊيول ۾ اميدوارن جي ڪاغذات نامزدگي جمع ڪرڻ جي تاريخ ۾ چئن ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي، جنهن بعد هاڻي ڪاغذات نامزدگي 8 جون کان 15 جون تائين جمع ڪرائي سگهبا، جڏهن ته مڪاني چونڊون 24 جولائي 2022 تي ٿينديون، نئين شيڊيول موجب مڪاني چونڊن جي نامزدگي جا پيپرز 3 جون تي ورتا ويا ۽ ريٽرننگ آفيسرن پيپرز جاري ڪيا، هاڻي اميدوارن جا ڪاغذات نامزدگي 8 جون کان 15 جون تائين جمع ڪرائي سگهبا، نامزد اميدوارن جي لسٽ 16 جون تي جاري ڪئي ويندي، نامزدگي درخواستن جي ڇنڊڇاڻ 17 کان 19 جون تائين ڪئي ويندي.
جڏهن ته درخواست نامزدگي جي منظوري يا رد ٿيڻ جي صورت ۾ اپيل 20 کان 22 جون تائين جمع ڪرائي سگهبي، 25 جون تي اپيليٽ اٿارٽي پاران درخواستن تي فيصلا جاري ڪيا ويندا، حتمي نامزدگي لسٽ 27 جون تي جاري ڪئي ويندي، جڏهن ته 28 جون تائين نامزد اميدوار چونڊن تان هٿ کڻي سگهن ٿا ۽ 29 جون تي اميدوارن کي چونڊ نشان الاٽ ڪيا ويندا، جڏهن ته 24 جولائي تي مڪاني چونڊون ۽ 28 جولائي 2022ع تي چونڊن جي حتمي نتيجن جو اعلان ڪيو ويندو.