پاڪستانسنڌ

جاتي ۾ ٽنگو نالي جي موري جي مرمت نه ٿيڻ خلاف احتجاج

جاتي: ٽنگو نالي جي موري جي ٻيھر ٽٽل اڌ حصي جو ڪم 4 مھينا گذري وڃڻ باوجود تعمير نه ٿيڻ خلاف علائقي واسين ٽنگو نالي موري تي احتجاجي مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن عاجز علي محمد ٿھيم، نثار احمد ٿھيم، حسين ٿھيم، عادل لغاري، ماستر منظور لغاري، طفيل ٿھيم ۽ ٻين چيو ته ٽنگو نالي جي موري ڇڇ جھان خان يوسي ڪوٺي ۽ يوسي ڪڙملڪ جي ماڻھن جو جاتي شھر وڻج واپار لا وڃڻ جو ذريعو آھي.

جنھن جي ٻيھر ٽٽڻ ڪري وڏيون گاڏيون لنگھي نٿيون سگھن ۽ علائقي واسين کي وڏي پريشاني کي منھن ڏيڻو پوي ٿو ۽ مذڪورا موري ٻه دفعا ٽٽڻ ڪري ڪمزور بڻجي ويئي آھي، ڪنھن به وقت ڪو وڏو جاني نقصان ٿي سگھي ٿو، ھنن مطالبو ڪيو ته ٽٽل موري جو فوري نوٽيس وٺي موري جي تعمير ڪرائي علائقي واسين کي بنيادي سھولت ڏني وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button