ڀٽ شاهه: ڀٽ شاھه ويجھو لطيف جي پارکو ۽ ناليواري استاد صوفي فقير غلام حسين نظاماڻي جي پندرهين ورسي ڳوٺ بخشو نظاماڻي ۾ نهايت ئي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي، ورسي جي موقعي تي صوفي فائونڊيشن جي صدر فقير علي ڏنو خان نظاماڻي، يار محمد نظاماڻي، فقير خدابخش. گل محمد نظاماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مزار تي چادر چاڙهي دعا گهري وئي، ان موقعي تي صوفي فائونڊيشن جي صدر فقير علي ڏنو خان نظاماڻي چيو ته فقير غلام حسين نظاماڻي، لطيف سائين جو وڏو پارکو هو ۽ کيس لطيف سرڪار جي راڳ سان وڏو چاھه ھو.
پاڻ ھر روز ڳوٺ کان پنڌ اچي ڀٽ ڌڻيءَ جي درگاھه تي اچي راڳ ٻڌي وري واپس پنھنجي ڳوٺ ويندو هو. فقير غلام حسين جي پنهنجي شاعري تمام گهڻي آهي، جيڪا ڇپائي جي مرحلي ۾ آهي، هن چيو ته فقير غلام حسين علائقي جو هڪ بهترين استاد پڻ هو جنهن پنهنجي علائقي ۾ تعليم عام ڪرڻ لاءِ سموري زندگي جاکوڙ ڪئي، ان موقعي تي ورسي تقريب ۾ لطيف سائين جي راڳي فقير حاجن خان نظاماڻي، فقير غلام محمد نظاماڻي، سهيل بابا راجپوت، گلشاد راجپوت، عبدالغني نظاماڻي. نديم مڱريو، امجد انڙ، مور خاصخيلي ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.