حيدرآباد: عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، مرڪزي سينيئر نائب صدر عبدالقادر رانٽو، مرڪزي جنرل نور احمد ڪاتيار ۽ مرڪزي نائب صدر ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊيو پنھنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آھي ته وفاقي بجيٽ کي مڪمل رد ڪريون ٿا، آئي ايم ايف جي ھدايتن تي نوان ٽيڪس مڙھي غريب عوام جو جيئڻ جنجال بڻايو ويو آھي. حڪمرانن ملڪ کي عالمي مالياتي اداري وٽ گروي رکي ڇڏيو آھي. دفاع جي نالي ۾ کربين روپيا ھڙپ ڪيا وڃن ٿا پر عوام جو ڪوبھ دفاع نٿو ڪيو وڃي. ملڪ جي عوام کي بدترين مھانگائي جي راڪاس جي حوالي ڪيو ويو آھي.
اڳواڻن چيو تھ سنڌ جو پاڻي بند ڪري زراعت کي تباھه ۽ برباد ڪيو ويو آھي، جنھن ڪري ملڪ جو ڏيوالو نڪري چڪو آھي. ملڪ جي، جي ڊي پي جي ريڙھه جي ھڏي وارو ڪردار ادا ڪندڙ زراعت جي تباھي سبب ھاڻي جي ڊي پي ٽيڪسن جي آڌار تي پئي ھلي، جنھن ڪري مھانگائي ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ آئي آھي. جنھن مان واضع ٿئي تھ ملڪ ۾ مھانگائي ڪن مخصوص حالتن جي ڪري نھ پر حڪمرانن جي عوام دشمن ۽ پنجاب جي حڪمرانن کي نوازڻ وارين پاليسين سبب وڌي آھي.