پاڪستانسنڌ

ٽنڊومحمدخان لڳ لڄالٽ جو الزام هڻندڙ پرڻيل عورت خلاف ڌرڻو

ٽنڊومحمدخان: ٽنڊومحمدخان جي تعلقي بلڙي شاهه ڪريم جي ڳوٺ جمعون نوحاڻي جي رهواسين لڄالٽ جو الزام هڻندڙ پرڻيل عورت خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. 22 ورهين جي پرڻيل عورت جي الزامن کي غلط قرار ڏيندي ڳوٺاڻن جمعون خان نوحاڻي، علي اڪبر نوحاڻي، عالم خان نوحاڻي، حاجي شفيع محمد نوحاڻي، عبدالواحد نوحاڻي، الهبچايو نوحاڻي، غلام مصطفى نوحاڻي ۽ ٻين چيو ته اسان جي ڳوٺ جي رهواسڻ 22 ورهين جي پرڻيل عورت ڳوٺ ۾ بدنامي جو باعث بڻجي وئي آهي. هن کي سندس مڙس گهر مان ڪڍي ڇڏيو آهي. هن جو ڪم علائقي جي ڳوٺاڻن کي پريشان ڪرڻ آهي. هنن چيو ته فوري طور واقعي جي جاچ ڪرائڻ لاءِ الزام هيٺ آيل ننڍي عمر جي نوجوانن ۽ عورت جو ميڊيڪل ڪرايو وڃي، اصل حقيقت سامهون اچي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button