ٺٽو/سجاول: جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو، وائيس چيئرمين نواز شاهه ڀاڏائي، پريس سيڪريٽري پنهل جمالي، 26 جون تي سنڌو دريا تي پنجاب جي قبضي خلاف حيدرآباد ۾ با پاس تي اعلانيل ڌرڻي جي سلسلي ۾ ٺٽو ۽ سجاول کان عوامي رابطه مهم جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي، مڪلي تي پارٽي اجلاس ۽ ٻيلي شهر ۾ ملاح برادري جي معزز ميرل ملاح طرفان ڏنل چانهن پارٽي کي خطاب ڪندي رياض علي چانڊيو چيو ته پنجاب ھن فيڊريشن ۾ 91 جي پاڻي ٺاهه تي عمل ڪرڻ لا تيار ناهي پر ان جي ڀڃڪڙي ڪري رھيو آھي، پنجاب پنھنجا سڀ ڪئنال 24 ڪلاڪ وھائي رھيو آھي.
ٻئي پاسي سجاول ۾ پارٽي ڪارڪنن سان گڏجاڻي بعد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي رياض علي چانڊيو سنڌ جي عالمن، سياستدان ۽ ساڃاهه وندن کي اپيل ڪئي ته 26 جون تي پنجاب ويندڙ رستو بند ڪرڻ وارو فيصلو ڪنهن پارٽي ڪنهن جهنڊي آڏو جوابده ناهي ان ڪري بنا ڪنهن فرق جي سڄي سنڌ ان احتجاج ۾ شامل ٿئي، پيداواری ۽ قدرتي وسيلن جي مسلسل لٽ مار پاڻي تي پنجاب جي غيرقانوني قبضي ۽ ڳاٽي ٽوڙ مهنگائي جي ڪري ڌرتي ڌڻين جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي، وقت اچي ويو آهي ته پنهنجي وطن پنهنجي دريا ۽ وسيلن کي بچائڻ لا گڏيل جدوجهد ڪئي وڃي. ان موقعي تي نواز شاهه ڀاڏائي، پنهل جمالي، امجد شورو، جاويد عمراڻي، جاويد ناهيون، نعمان شورو، عرس ڪيهر، بلاول ٻارڻ، دلبر شاھه عالم پليجو، احمد علي ناهيون ۽ ٻيا ڪارڪن موجود هئا.