اسلام آباد: وفاقي حڪومت مالي سال 23-2022 جي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي. ناڻي جي وزير مفتاح اسماعيل قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تقرير دوران سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 15 ۽ پينشن ۾ 5 سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪيو آهي. جڏهن ته بجيٽ جو مجموعي ڪاٿو 9 هزار 502 ارب رُپيا لڳايو ويو، جِن مان 3 هزار 950 ارب رُپيا ڊيٽ سروسنگ تي خرچ ٿيندا. ايندڙ مالي سال لاءِ ايف بي آر جي روينيو جو ڪاٿو 7 هزار 4 ارب رُپيا لڳايو ويو، جنهن مان صوبن کي 41 هزار ارب رُپيا ڏنا ويندا. گذريل ڏينهن اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل بجيٽ پيش ڪئي. مالي سال 23-2022 لاءِ ترقياتي منصوبن تي 800 ارب ۽ سول انتطاميا لا 550 ارب رپيا، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام لاءِ 364 ارب رپيا رکيا ويا. جڏهن ته 40 هزار کان گهٽ آمدني وارن خاندان کي 2 هزار رپيا ماهوار ڏنا ويندا. بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 15 ۽ پينشن ۾ 5 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي، ترقياتي ڪمن لا 800 ۽ دفاع لا 1523 ارب رپيا رکيا ويا. ٽيڪس اوڳاڙين جو ڪاٿو 7400 ارب، 4596 ارب رپين جو خسارو ۽ قرضن جي ادائيگي لا 3144 ارب رپيا رکيا ويا. بجيٽ موجب پگهاردار طبقي لا ٽيڪس 6 لک مان وڌائي 12 لک ڪيو ويو، ننڍن ڪاروبارن تي 6 لک تي ٽيڪس لڳندو.اميرن ۽ غيرپئداواري شين تي ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو، اهڙي ريت وڏين گاڏين تي ٽيڪس ۾ اضافو ڪيو ويو. 1600 سي سي ۽ ان کان مٿي جي گاڏين تي ٽيڪس ۾ اضافو ٿيندو. موسمياتي تبديلي لاءِ 10 ارب رپيا رکيا ويا. جڏهن ته روينيو جو ڪاٿو 7 هزار 4 ارب آهي، جنهن مان صوبن کي 41 هزار ارب ملندا. ان کان علاوه سگريٽن تي ٽيڪسن ۾ واڌ ڪئي وئي، ڪريڊٽ ۽ ڊيبٽ ڪارڊن جي ادائيگين تي ايڊوانس ٽيڪس لڳندو، نان فائلرز لا ٽيڪس 200 سيڪڙو، منتقل ٿيندڙ جائيداد تي 15 سيڪڙو ۽ ڪيپٽل گين تي ٽيڪس لاڳو هوندو،موبائلن جي درآمد تي 100 رپين کان 16 هزار تائين ليوي ٽيڪس لڳندو. ننڍن ڪاروبار ڪندڙن کان ٽيڪس بجلي بلن جي مد ۾ ورتو ويندو. پيٽروليم شين تي سيلز ٽيڪس ٻيهر وٺڻ جو به فيصلو ڪيو ويو. ماهوار هڪ لک تائين پگهار کڻندڙن تي ڪو انڪم ٽيڪس نه هوندو. ناڻي واري وزير چيو ته نئين بجيٽ ۾ جي ڊي پي شرح 5 سيڪڙو رکي وئي آهي، ايندڙ مالي سال ناڻي جو ڦهلاءُ گهٽ ڪري 11 ڏهائي 5 سيڪڙو تي آندو ويندو. مجموعي خساري ۾ گهٽتائي آڻي ان کي 4 ڏهائي 9 سيڪڙو تائين آندو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته سرڪاري ملازمن جي ڏکيائين جو احساس آهي، تنهن ڪري سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 15 سيڪڙو واڌ ڪئي پئي وڃي. سبسڊيز جي مد ۾ 1515 ارب رپيا خرچ ٿيندا، جن مان ٽارگيٽڊ سبسڊي 699 ارب رپيا رکي وئي آهي. هر مهيني کنڊ ۽ اٽي تي سبسڊي رکي وئي آهي، جنهن لاءِ 12 ارب رپيا رکيا ويا آهن. ناڻي واري وزير ٻڌايو ته نئين مالي سال پگهاردار طبقي لاءِ انڪم ٽيڪس جي حد 12 لک رپيا ڪئي وئي آهي. نئين بجيٽ ۾ 40 هزار کان گهٽ آمدني وارن جو 2 هزار رپيا وظيفو بجيٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. مفتاح اسماعيل چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي رقم ۾ واڌ ڪئي وئي آهي. جڏهن ته بينظير واڌ ويجهه پروگرام سمورن ضلعن تائين وڌايو ويندو. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام لاءِ 364 ارب رپيا رکيا ويا آهن. هن چيو ته 3 هزار 144 ارب رپيا قرضن جي وياج جي ادائيگي تي خرچ ٿيندا، ايندڙ مالي سال دوران ايف بي آر جو روينيو هدف 7 هزار 4 ارب رپيا هوندو. جڏهن ته گذريل سال اهو 6 هزار ارب رپيا هو. نئين مالي سال ۾ وفاقي حڪومت وٽ نيٽ روينيو 4 هزار 904 ارب رپيا هوندو، جڏهن ته نان ٽيڪس روينيو ۾ 2 هزار ارب رپيا هوندا. ملڪي دفاع لاءِ 1523 ارب رپيا رکيا ويا آهن، جڏهن ته سول انتظاميا لاءِ 550 ارب رپيا رکيا ويا آهن. ناڻي واري وزير چيو ته ايندڙ مالي سال لاءِ ڪراچي ۾ پاڻي جي فراهمي جي منصوبي “ڪي فور” لاءِ 20 ارب رپيا رکيا ويا آهن. جڏهن ته فلم کي صنعت جو درجو ڏنو ويو آهي، فلم سازن کي 5 سالن لاءِ ٽيڪس تي ڇوٽ ڏني پئي وڃي. سئنيما پروڊيوسرز کي انڪم ٽيڪس کان ڇوٽ ڏني پئي وڃي، نيشنل فلم اسٽوڊيو قائم ڪيو ويندو، فلم ۽ ڊرامن لاءِ مشينري جي امپورٽ تي 5 سال ٽيڪس جي ڇوٽ ڏني ويندي. وفاقي بجيٽ ۾ پينشن جي مد ۾ 530 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن، ان کانسواءِ عوام جي سهولت لاءِ ٽارگيٽڊ سبسڊيز جي مد ۾ 699 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن. هن چيو ته ڪريڊٽ ڪارڊ جي ادائيگي تي هڪ سيڪڙو ٽيڪس لڳايو ويندو، نان فائلرز کي ڪريڊٽ ڪارڊ جي استعمال تي 2 سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو. بجيٽ ۾ انڪم ٽيڪس سليبس گهٽائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. انڪم ٽيڪس سليبس 12 بدران 7 ٿي سگهي ٿو، سالياني 10 لک کان وڌيڪ آمدني تي ٽيڪس وڌي ويندو. بجيٽ ۾ آن لائين ۽ سوشل ميڊيا تي انڪم ٽيڪس وڌائڻ جي به تجويز ڏني وئي آهي. انڪم ٽيڪس ڏنل مراعات گهٽ ڪرڻ ۽ انٽرنيشنل سفر لاءِ بزنس ڪلاس تي 4 ڀيرا ٽيڪس وڌائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. بجيٽ ۾ هر مهيني 10 هزار کان وڌيڪ ۽ سال ۾ هڪ لک ڊالر کان وڌيڪ جي خريداري تي پابندي جي تجويز ڏني وئي. نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ فلمز ۽ ڊرامن سوڌو فنونِ لطيفه کي هٿي ڏيڻ لاءِ ساليانو هڪ ارب رُپين جي لاڳت سان بائينڊنگ فلم فنانس فنڊز قائم ڪرڻ ۽ فنڪارن لاءِ ميڊيڪل انشورنس پاليسي جو اعلان ڪيو ويو آهي. فلم ڊسٽري بيوٽرز ۽ پروڊيوسرز تي لاڳو 8 سيڪڙو وِد هولڊنگ ٽئڪس ختم ڪئي وئي آهي، فلم توڙي ڊرامن لاءِ مشينري ۽ اوزارن جي امپورٽ تي 5 سالن لاءِ ڪسٽم ڊيوٽي نه وٺڻ جو به اعلان ڪيو ويو آهي. حڪومت ڌاٻيجي اڪنامڪ زون کي فوري بجلي ۽ گئس مهيا ڪري فعال ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ناڻي جي وزير مفتاح اسماعيل بجيٽ تقرير ۾ چيو آهي ته چيني سرڪار سان طئي ٿيو آهي ته سي پيڪ جي روٽس تي 9 اسپيشل اڪنامڪ زون ٺاهيا ويندا، اُتي چين سوڌو ٻين ملڪن جي سيڙپڪارن کي ڪارخانا لڳائڻ لاءِ سهولت مهيا ڪئي ويندي. مفتاح اسماعيل چيو ته جلد گئس جي نوَن اگهن جو اعلان ڪيو ويندو، جنهن تحت صنعت علائقن کي مناسب اگهه تي گئس مهيا ڪئي ويندي. ناڻي جي وزير بجيٽ تقرير ۾ چيو آهي ته نوجوان روزگار پاليسي تحت روزگار جا 20 لک کان وڌيڪ موقعا ملندا، نوجوانن ۾ ڪاروبار کي هٿي ڏيڻ لاءِ وياج بنا 5 لک رُپين تائين قرض ڏنو ويندو. مفتاح اسماعيل موجب اسڪيم ۾ آسان شرطن تي اڍائي ڪروڙ رُپين تائين قرض به شامل هوندو، قرض اسڪيم ۾ عورتن لاءِ 25 سيڪڙو ڪوٽا مخصوص، سموري ملڪ ۾ يوٿ ڊولپمينٽ سينٽرز قائم ڪيا ويندا. هن چيو ته وفاقي بجيٽ ۾ هائير ايجوڪيشن ڪميشن لاءِ 65 ارب رُپين جي بجيٽ مخصوص ڪيا ويا آهن، هيڪ جي ترقياتي اسڪيمز لاءِ 44 ارب رُپيا ڌار رکيا ويا. هيڪ جي بجيٽ ۾ بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ ضم ٿيل قبائلي علائقن لاءِ 50 هزار وظيفا به شامل آهن، حڪومت طرفان نيشنل يوٿ ڪميشن قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. بينظير تعليمي وظيفو پروگرام جو دائرو هڪ ڪروڙ ٻارن تائين وڌائي 35 ارب رُپيا رکيا ويا آهن. بينظير انڊر گريجوئيٽ پروگرام تحت وڌيڪ 10 هزار شاگردن کي اسڪالر شپ ڏيڻ لاءِ 9 ارب رُپيا مخصوص ڪيا ويا آهن. بجيٽ ۾ٻارن جي واڌ ويجهه بابت بينظير پروگرام جو دائرو سمورن ضلعن تائين وڌائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پروگرام لاءِ 21 ڏهائي 5 ارب رُپيا رکيا ويا. هن ٻڌايو ته بجيٽ ۾ بجلي جي شعبي لاءِ 73 ارب رُپيا رکيا ويا. ديا مير ڀاشا، مهمند، داسو ۽ گاج ڊئم منصوبن لاءِ 100 ارب رُپيا رکڻ جي سفارش ڪئي وئي. وڏين شاهراهن ۽ بندرگاهن لاءِ 200 ارب رُپيا مخصوص ڪئي وئي آهي.ترقياتي بجيٽ ۾ نيشنل هاءِ وي جي اسڪيمز لاءِ 121 ارب مخصوص ڪيا ويا آهن. چئني صوبن، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان لاءِ پي ايس ڊي پي ۾ رقم وڌائي 136 ارب رُپيا ڪئي وئي آهي. ترقياتي بجيٽ ۾ سنڌ لاءِ 355 ارب 38 ڪروڙ ۽ پنجاب صوبي جي ترقياتي بجيٽ 585 ارب رُپيا رکڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، بلوچستان جي 148 ارب 53 ڪروڙ ۽ ڪي پي لاءِ 300 ارب رُپيا رکڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close