ٽنڊوالهيار: ٽنڊوالهيار ضلعي ۾ 3 ايس ايڇ اوز سميت 22 پوليس اهلڪارن کي لائين حاضر ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ ڊي آئي جي حيدرآباد جي حڪم تي ايس ايس پي ٽنڊوالهيار فاروق احمد بجاراڻي ڏوهاري ڪيسن ۾ ملوث ۽ ڏوهاري رڪارڊ رکڻ تي 3 ايس ايڇ اوز، هڪ انسپيڪٽر، 2 اي ايس آئيز، 4 وڏن منشين ۽ 12 اهلڪارن کي لائين حاضر ڪيو، جن ۾ ايس ايڇ او بي سيڪشن بهادر خان جمالي، ايس ايڇ او بڪيرا شريف آدم ابڙو، ايس ايڇ او نصرپور عبدالغفور خاصخيلي، سي آئي اي انسپيڪٽر عمران چانڊيو، بڪيرا شريف جو وڏو منشي قلندر بخش پتافي، چمبڙ جو يعقوب بجاراڻي، 15 مددگار جو الطاف حسين رند، بي سيڪشن ٿاڻي جو ڪانجي مل ۽ ٻيا اهلڪار شامل آهن. ذريعن موجب لائين حاضر ڪيل وڏا منشي ۽ پوليس آفيسر منشيات جي ڏيتي ليتي ۾ پڻ ملوث آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close