اسلام آباد : وزيراعظم شهباز شريف جي تجويز تي قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ناموس رسالت صلعم جي معاملي تي بحث ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وزيراعظم قومي اسيمبلي جي ميمبر راجا پرويز اشرف کي سومر تي قومي اسيمبلي اجلاس ۾ ناموس رسالت ﷺ واري معاملي تي بحث ڪرائڻ جي درخواست ڪئي. پنهنجي بيان ۾ شهباز شريف بي جي پي اڳواڻن جي بيانن جي سخت مذمت ڪندي چيو ته دنيا جي سئو ارب مسلمانن جي دلين جو قتل ڪيو ويو، جنهن تي مسلمان سراپا احتجاج آهن. وزيراعظم چيو ته پاڻ سڳورن صلعم سان اسان جي عقيدت ۽ محبت جي هن اهم ۽ نازڪ معاملي تي ايوان ۾ بحث ڪرايو وڃي ۽ ڀارت ۾ ٿيل ان مذمت جوڳي واقعي خلاف ايوان ٺهراءُ منظور ڪري. سندس چوڻ هو ته قومي اسيمبلي مان منظور ٺهراءُ سان ڀارت سميت سڄي دنيا کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته نبي ڪريم صلعم جي حرمت لاءِ اسان هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته قومي اسيمبلي اجلاس ۾ بي جي پي اڳواڻن جي توهين جوڳن بيانن جي مذمت ڪئي ويندي. مخالف ڌر کي به اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي. هن چيو ته هي معاملو سياسي، جماعتي ۽ انفرادي نوعيت جو ناهي پر اسان جي ايمان جو آهي، اچو گڏجي گستاخن خلاف ايمان جو مظاهرو ڪيون. جڏهن ته قومي اسيمبلي بي جي پي ليڊرن جي بيانن تي مذمتي ٺهراءُ پڻ منظور ڪندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close