پاڪستان

ٽرين ۾ عورت سان لڄالٽ جي وڊيو ڀرڻ جو انڪشاف

ڪراچي: بهاالدين زڪريا ايڪسپريس ۾ عورت سان مبينا لڄالٽ واري ڪيس ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته جوابدارن اجتماعي لڄالٽ جي وڊيو پڻ ٺاهي هئي. ڪراچي جي جوڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ۾ ذڪريا ايڪسپريس ۾ عورت سان مبينا لڄالٽ واري ڪيس جي شنوائي ٿي. پوليس گرفتار 5 جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو، ڪيس جي جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدارن متاثر عورت جي گينگ ريپ جي وڊيو پڻ ٺاهي هئي، جوابدارن وٽان موبائيل فونز ۽ وڊيوز هٿ ڪرڻيون آهن، جڏهن ته جوابدارن جا يونيفارم پڻ گهربل آهن. عدالت گرفتار 5 جوابدارن جي جسماني رمانڊ ۾ 2 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي، ٽرين عملي جي گرفتار جوابدارن ۾ محمد زاهد، عاقب منير، ذوهيب، عامر رضا ۽ عبدالحفيظ شامل آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button