لاهور: عدالت مني لانڊرنگ ڪيس ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ پنجاب جي وڏي وزير حمزا شهباز سميت ٻين شريڪ جوابدارن جي ضمانت ۾ واڌ واري درخواست منظور ڪري ورتي. شهباز شريف ۽ حمزا شهباز سميت ٻين جوابدارن خلاف مني لانڊرنگ ڪيس جي شنوائي خاص عدالت ۾ ٿي. شنوائي دوران ايف آءِ اي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ روپوش ٽن جوابدارن جي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي، ايف آءِ اي جي وڪيل فاروق باجوا عدالت کي ٻڌايو ته ٽئي جوابدار ڏنل پتي تي موجود نه ناهن. جنهن بعد وزيراعظم شهباز شريف روسٽرم تي اچي چيو ته منهنجو حق آهي ته پنهنجي ضمانت بابت عدالت کي حقيقتون ٻڌايان. عدالت پهريان کان محفوظ فيصلو ٻڌائيندي شهباز شريف ۽ حمزا شهباز سميت ٻين جوابدارن جي ضمانت ۾ واڌ جي درخواست منظور ڪري ورتي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close