اسلام آبادپاڪستان

افغان صورتحال تي سمورا فيصلا پارليامينٽ ۾ ڪيا وڃن:پيپلز پارٽي

اسلام آباد :پاڪستان پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت اتفاق ڪيو آهي ته افغانستان جي صورتحال تي سمورا فيصلا پارليامينٽ ۾ ڪرڻ گهرجن ۽ پارليامينٽ کي آن بورڊ وٺڻ گهرجي. ڪالهه اسلام آباد جي زرداري هائوس ۾ پيپلز پارٽي جو اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ افغانستان ۾ تازين اڳڀرائي جي روشنيءَ ۾ دهشتگردي، خاص ڪري ٽي ٽي اي ۽ ٽي ٽي پي سان لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سيڪريٽري جنرل فرحت الله بابر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اجلاس ۾ پارٽي جي موقف کي ورجايو ويو ته سمورا فيصلا پارليامينٽ کي ڪرڻ گهرجن، ان ڪري پارليامينٽ کي آن بورڊ وٺڻ گهرجي. هن چيو ته پارٽي پڻ اتحادي پارٽين سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته جيئن ان جي مستقبل جي عمل تي اتفاق ڪيو وڃي. ان کان علاوه پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي چيو ته پيپلز پارٽي جو اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو آهي، جنهن ۾ دهشتگرديءَ بابت معاملن تي غور ڪيو ويو. هن وڌيڪ چيو ته تحريڪ طالبان افغانستان ۽ تحريڪ طالبان پاڪستان سان خاص طور تي ٿيل تازي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اتحادي پارٽين سان رابطو ڪري اڳتي وڌڻ لاءِ اتفاق راءِ پيدا ڪنداسين. پيپلز پارٽي پارليامينٽ ۾ سمورا فيصلا ڪرڻ تي يقين رکي ٿي. پاڪستان پيپلزپارٽي جي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو شرڪت ڪئي، ان دوران پيپلزپارٽي جي مرڪزي قيادت وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ يوسف رضا گيلاني، راجا پرويز اشرف، فريال ٽالپور، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، وفاقي وزيرن، خورشيد شاهه، شيري رحمان، نيئر بخاري، نجم الدين خان، فيصل ڪريم ڪنڊي، قمر زمان ڪائرا ۽ نديم افضل چن شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button