تلھار: تلھار ۾ پوليس جمن جت کي گرفتار ڪري انڊين سفينا پڙين جا 5 پيڪٽ هٿ ڪري ورتا. جمن ملاح کي 300 ديسي گٽڪن سميت گرفتار ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او تلھار سعيد احمد چنا عوامي پريس ڪلب جي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته گرفتار جوابدارن جا پوليس رڪارڊ ۾ نالا موجود ھئا، لسٽ ملڻ کانپو ڪارروائي ڪري جوابدار جمن جت ۽ جمن ملاح کي ثبوتن ساڻ گرفتار ڪري منشيات ايڪٽ تحت ڌار ڌار ڪيس داخل ڪري جيل اماڻي ڇڏيو آھي. ايس ايڇ او سعيد احمد چنا وڌيڪ چيو ته تلھار ۾ سفيد پوش ڪجهھ اھڙن ماڻھن جا نالا پڻ سامھون آيا آھن، جن جي ڳجهي نموني جاچ ڪئي پئي وڃي. ھوڏانھن جمن جت ۽ جمن ملاح جي وارثن بابو جت، احمد جت ۽ خميسو جت سميت ناظم ملاح ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته ھي ھڪ سياسي انتقامي ڪارروائي آهي، بنا ڪنھن ڏوهھ جي اسان جا ماڻھو ونگار تحت گرفتار ڪري ظلم ڪيو ويو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close