ڪراچي: پيپلزپارٽي جو سينيئر اڳواڻ سينيٽر ڊاڪٽر سڪندر منڌرو لاڏاڻو ڪري ويو. سنڌ حڪومت جي ذريعن موجب ڊاڪٽر سڪندر منڌرو آمريڪا ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي، گردن جي ڪينسر سبب آمريڪا جي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو، جتي هن دم ڏنو. خانداني ذريعن موجب سڪندر منڌرو جو مڙهه ٽن ڏينهن بعد پاڪستان آندو ويندو. 78 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويل سڪندر منڌري جو تعلق ضلعي بدين سان هو، سڪندر منڌرو ذوالفقار علي ڀٽي جو ويجهو ساٿي ۽ پيپلز پارٽي جو باني ڪارڪن پڻ هو. ٻئي پاسي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري طرفان پڻ سندس لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پ پ چيئرمين مرحوم جي پونئيرن سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي لکيو ته ڊاڪٽر سڪندر منڌري جي لاڏاڻي سان پارٽي هڪ سچي جيالي ۽ اهل پارليامنٽرين کان محروم ٿي وئي آهي، الله مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر عطا فرمائي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close