حيدرآباد: جيئي سنڌ محاذ چئيرمين رياض علي چانڊيو پريس ترجمان پنهل جمالي جو 26 جون تي پاڻي کوٽ خلاف حيدرآباد ۾ اعلانيل ڌرڻي جي سلسلي ۾ حيدرآباد، مٽياري، سانگهڙ ۽ ٽنڊو الهيار جي عهديدارن سان گڏجاڻي ڪئي، جنهن بعد هالا ۽ سڪرنڊ جو تنظيمي دورو ڪيو. ان موقعي تي جيئي سنڌ محاذ سربراهه ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ ڏڪار واري صورتحال سبب غربت ۾ اضافو ٿيو آهي، پيپلز پارٽي جي دور حڪومت ۾ سنڌ کي تباهه ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ بک بدحالي ۽ بيروزگاري ۾ اضافو ٿيو آهي، سنڌ اندر بجيٽ ليپس ٿين ٿيون پر ترقياتي ڪم نٿا ٿين، سنڌ ۾ پنجاب طرفان پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري سنڌين کي اڃيو رکيو پيو وڃي، ٻئي طرف سنڌ جي معدني وسيلن جي مسلسل لٽ مار ٿي رهي آهي، جنهن ۾ بلاول زرداري ڀاڱي ڀائيوار آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close