اسلام آباد : بچاءُ واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته پرويز مشرف جي صحت خراب هجڻ تي ڏيهه واپسي ۾ ڪابه رنڊڪ نه وجهڻ گهرجي. وفاقي وزير خواجا آصف پنهنجي ٽوئيٽر بيان ۾ چيو آهي ته ماضي جي واقعن کي پرويز مشرف جي واپسي اڳيان رنڊڪ نه بڻجڻ گهرجي. دعا آهي ته هو صحتياب ٿئي ۽ هن عمر ۾ عزت سان پنهنجو وقت گذاري. هتي ڳالهه نه وسارڻ گهرجي ته خواجا آصف مسلم ليگ ن جو سينيئر اڳواڻ آهي، جنهن جي حڪومت کي پرويز مشرف 12 آڪٽوبر 1999 تي ختم ڪري ڇڏيو هو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close