پاڪستانسنڌ

سنجرچانگ لڳ همراهه زال سان ڪاوڙجي خودڪشي ڪري ڇڏي

چمبڙ: سنجر چانگ ڀرسان 4 ٻارن جي پي مبينا طور زال کان ناراض ٿي ڦاهو کائي انت آڻي ڇڏيو. سنجر چانگ ٿاڻي جي حد ڳوٺ انصاري فارم واسي 5 ٻارڙن جي پي پورھيت 50 ورھين جي ڏيوو پٽ سونو ڪولهي مبينا طور پنهنجي زال کان ناراض ٿي ڳچي ۾ رسو ٻڌي گھر اڳيان بيٺل وڻ ۾ پاڻ کي ڦاهو کائي ڇڏيو، اطلاع تي پوليس پهچي وئي. ان سلسلي ۾ پوليس ٻڌايو ته وارثن فوتي جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪار ڪندي پوليس کي بيان ڏنو آھي ته فوتي جو دماغي توازن درست نه ھو ۽ زال سان ڪنھن ڳالهھ تان ناراض ٿي آپگھات ڪيو آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button