پاڪستانسنڌ

عمرڪوٽ ۾ ڏوهي رڪارڊ رکندڙ 39 پوليس آفيسر ۽ اهلڪار لائين حاضر

عمرڪوٽ: آئي جي سنڌ پوليس پاران ڏوھي سرگرمين ۾ ملوث پوليس عملدارن کي عھدن تان ھٽائڻ واري حڪم بعد ايس ايس پي عمرڪوٽ مختيار احمد خاصخيلي ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي مقرر انسپيڪٽرن، اي ايس آئيز ۽ ھيڊ ڪانسٽيبلز سوڌو 39 اھلڪارن کي لائين حاضر ڪري ڇڏيو. آئي جي سنڌ جي حڪمن بعد ضلعي 39 پوليس آفيسرن ۽ اھلڪارن جي لسٽ جاري ڪئي وئي آھي، جن مٿان مختلف ڏوھي سرگرمين جا ڪيس داخل ٿيل آھن. ٿاڻن تان ھٽايل عملدارن ۽ اھلڪارن ۾ انسپيڪٽر نور احمد سومرو، انسپيڪٽر محمد حسن راھمون، ايس آئي پي خادم بھراڻي، اي ايس آئيز روشن جھنجي، اشرف غوري، نسيم احمد، علي حيدر چانڊيو ۽ ٻيا شامل آھن. ھٽايل عملدارن ۾ 2 انسپيڪٽر، هڪ ايس آئي پي، 8 اي ايس آئيز، 5 ھيڊ ڪانسٽيبلز ۽ 23 اھلڪار شامل آھن، لسٽ ۾ ڄاڻايل ڪجهھ اهلڪار اڳ ۾ لائين حاضر آهن. جاري ڪيل آرڊر ۾ سمورن اهلڪارن کي ٿاڻن ۽ ٻين هنڌن تان هٽائي سندن خلاف انڪوائريز مڪمل ٿيڻ تائين لائين رهڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. ڄاڻايل پوليس عملدارن خلاف ڪجهه عرصي کان جاچ شروع ٿي هئي، جنهن بعد پوليس اختيارين سندن حتمي لسٽ پڌري ڪندي ڪارروائي جو حڪم ڏنو. ايس ايس پي پاران ٿاڻن تان هٽايل ڪيترن ئي پوليس عملدارن ۽ اهلڪارن جا ڪيس ختم ٿي ويا آهن ان باوجود کين هٽايو ويو آهي، سفارشي ايس ايڇ اوز سڻڀا ٿاڻا هٿن مان وڃڻ بعد ٻيهر بحالي لا هٿ پير هڻڻ شروع ٿي ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button