پاڪستانسنڌ

چمبڙ ۾ مهانگائي خلاف مختلف پارٽين جي احتجاجي ريلي

چمبڙ: چمبڙ ۾ سنڌ ھاري ڪميٽي، سنڌ ماروئڙا اتحاد ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي ڪارڪنن ملڪ ۾ مھانگائي خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي، ريلي شھر ۾ بچاڻي پيٽرول پمپ کان چمبڙ ٽنڊوالھيار مک روڊ تان ٿيندي پريس ڪلب پھتي، جتي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن ارباب رستماڻي، گلاب ڀيل، ھادي بخش منگھار ،لاڙو مل ۽ مبارڪ رستماڻي خطاب ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت پاران غريب عوام دشمن بجيٽ پيش ڪيو ويو، جنھن سان غريب ماڻھن جي چيلهھ چٻي ٿي وئي آھي. حڪومت تيل، بجلي ۽ گئس جا اگهه وڌائي عوام کان جيئڻ جو حق کسي ورتو آهي، حڪومت کي گھرجي ته بجيٽ واپس وٺي ملڪ مان مھانگائي ختم ڪري غريب ماڻهن کي رليف فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button